سنڌ سرڪار ڌارين کي ليزون ڏئي رهي آهي: قمبر حاجاڻو

گلشن اقبال( ن ع آ) ڪراچي ۾ ڌارين جي آبادين کي سنڌ جا چونڊيل نمائندا ريگيولرائيز ڪري رهيا آهن پر سنڌين جي قديم ڳوٺن کي ڳولهي ڳولهي مسمار ڪيو پيو وڃي اهڙن خيالن جو ع ج پ اڳواڻ غلام قمبر حاجاڻو سچل ڳوٺ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو هن وڌيڪ چيو ته عبدالله شاهه غازي ڳوٺ اِي بلاڪ ۾ موجود 100 گهرن کي ڊاهڻ لاءِ سچل ٿاڻو جا اٽالا ڪاهون ڪري ڪري رهيا آهن بلڊر مافيا کي قبضو ڪرڻ لاءِ صرف سنڌين جون آباديون نظر ۾ آهن جنهن ڪري هر نيئن ڏينهن سنڌي ڳوٺن تي چڙهائيون ڪري گهر ڊاهيا پيا وڃن سنڌ حڪومت سنڌين سان اهڙي ناروا سلوڪ تي چپ سبي ڇڏيا آهن ڳوٺ ڊاهڻ سنڌين کي ڪراچي مان بي دخل ڪرڻ جي سازش سمجهون ٿا ۽ ان سازش سنڌ سرڪار برابر جي شريڪ آهي اسين مطالبو ڪريون ٿا عبدالله شاهه غازي ڳوٺ اِي بلاڪ جي سمورن گهرن کي تحفظ ڏئي بلڊر مافيا ۽ پوليس خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.