حيدرآباد ۾ همراهه جو گهر مان گولي لڳل لاش هٿ

حيدرآباد(رپورٽر) قاسم آباد جي سٽيزن ڪالوني واري علائقي جي هڪ گهر جي ڪمري مان 25 ورهين جي نوجوان جهان بخش سومرو پٽ منظور حسين سومرو جو مٿي ۾ گولي لڳل لاش هٿ آيو، اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪرايو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ڀٽائي نگر پوليس موجب شروعاتي جاچ مان لڳي ٿو ته نوجوان پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪيو آهي، پر موت جو حتمي ڪارڻ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ معلوم ٿي سگهندو. پوليس جو چوڻ هو ته نوجوان جهان بخش سومرو انجنيئرنگ پاس هو، ان بابت اهو به معلوم ٿيو آهي ته جهان بخش ڪنهن نشي جو عادي هو ۽ هن جو گهر جي ڪمري جي بيڊ تان گولي لڳل لاش مليو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.