برسات سبب متاثر ٿيندڙ زراعت ۽ سرڪار جو فرض

سنڌ ھڪ زرعي صوبو آھي جنھن جو گھڻو دارومدار زراعت تي آھي، سنڌ جي ماڻھن جون خوشيون ۽ غميون پڻ سندن فصلن جي اپت ۽ انھن مان کين ملندڙ حصي پت سان سلھاڙيل ھونديون آھي، ھن  سال سموري دنيا ۾ ماحولياتي تبديلي جا اثرا پڌرا ٿيا آھن، اھڙو ئي اثر سنڌ ۾ بھ ٿيو آھي گھڻين ۽ تيز گرمين کانپوءِ جھڙوڪر سانوڻي ھن ڀيري وقت کان اڳ آئي آھي، جنھن سان زراعت سان تعلق رکندڙ ماڻھن کي گھڻي پريشاني ٿي آھي،سنڌ  ۾ ٻھ ٽي وسڪارا وقت کان اڳ وارا ٿيا آھن، جڏھن تھ موسم واري کاتي طرفان اھو اڃان پڻ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي پئي وڃي.

ھن ڀيري وقت بي وقت پيل برسات زراعت کي فائدي جي بجاءِ نقصان ڏنو آھي، جنھن بابت رپورٽس اچي رھيون آھن،جن ۾ اھو ٻڌايو ويو آھي تھ  سنڌ ۾ سانوڻي جي برساتن جي ڪري زرعي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. ڦُٽي جو فصل مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو، ڪيلي جا باغ ۽ سبزيون به ختم ٿي ويون آھن،جنهن سان سنڌ جي آبادگارن کي اربين روپين جو نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي، ٻئي پاسي ڦٽي جي اگهه ۾ گهٽتائي جي ڪري آبادگارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن، ڦٽي جو اگهه گهٽجي  35 سئو کان 3 هزار روپين تائين وڃي پهتو آهي.

موسميات کاتي پاران وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي پڻ ڪئي وئي آهي. ايوان زراعت سنڌ جي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سانوڻي جي تيز برساتن جي ڪري فصلن کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، جنهن ۾ ڦُٽي، مرچ ۽ ٻيون ڀاڄيون متاثر ٿيون آهن، ڪيلي جا باغ پڻ سڙي ويا آهن، اپر سنڌ ۾ کجور کي وڏو نقصان پهتو آهي، اتر سنڌ ۾ کجور جي وڏي پيداوار ٿيندي آهي، جنهن تي هزارين ماڻهن جو گذرسفر هوندو آهي، پر کجور  هاڻوڪين برساتن ۾ سڀني کان وڏيڪ متاثر ٿيندڙ جنس ۾ شامل آهي،ھڪ اندازي موجب سنڌ ۾  مختلف فصل 60 سيڪڙو ختم ٿي چڪا آهن، مٿان وري باقي بچيل فصلن جا اگهه به نه هئڻ جي برابر آهن.

جنهن سان نه صرف زميندار مقروض ٿي چڪا آهن، پر هارين ۽ پورهيتن جي به حالت خراب ٿي وئي آهي.

ايوان زراعت مطابق هاڻوڪين برساتن جي نتيجي ۾ چوپائي مال ۾ چمڙي جون۽ ٻيون بيماريون پيدا ٿي رھيون آهن.زراعت سان گڏ چوپايو مال بيمارين ۾ وٺجي مري رهيو آهي، وڌيڪ برساتن ٿيڻ جي صورت ۾مجموعي طور تي سموري سنڌ ۾  حالت گهڻي خراب ٿيڻ جو خطرو آهي.ايوان زراعت پاران اختيارين کي اپيل ڪئي وئي آھي تھ جيترو ممڪن ھجي اوترو جلد صورتحال جو جائزو ورتو وڃي ۽ آبادگارن ۽ مالوند ماڻھن جي ٿيل نقصان جو اندازو ڪري ان موجب ڪا اھڙي رٿا يا حڪمت عملي جوڙي وڃي جيئن مالوند ماڻھن ۽ آبادگارن جي ٿيندڙ نقصان جي تدارڪ ۾ مدد ملي سگھي.

زراعت سان واڳيل فورم ايوان زراعت وارن جو چوڻ  آھي تھ ھن قدرتي آفت اچڻ سان زراعت سان تعلق رکندڙ زميندارن،ھارين نارين توڙي آبادگارن جيڪاپٽ سٽ ۽ قرض پکي سان جيڪا زمين آباد ڪئي ھئي ان اميد تي تھ ان مان قرض لاھي باقي پنھنجو گذر بسر ڪبو پر ھاڻي تھ ھنن جو زمين تي فصل جي لاءِ کينل قرض بھ چڙھي ويو آھي،ھن دور ۾فصل جي پوکڻ جي لاءِ بھ ڳچ رقم خرچ ڪرڻي پوي ٿي،  ٻچ، ڀاڻ ۽ زرعي دوائون جا اگهه چوٽ چڙهيل آهن، آبادگارن جو اجورو ملڻ ته خواب ٿي ويو آهي، پر هاڻ آبادگارن کي تمام گهڻو نقصان برداشت ڪرڻو پوندو،هن چيو ته اهڙي صورتحال ۾ حڪومت فصلن جي اگهن کي آبادگارن جي حق ۾ ڪرڻ ۾ ھنن جي مددد ڪري ۽ زرعي جنسن جي مناسب قيمت ملڻ گهرجي جئين ٿيل گھاٽي جو ڪنھن حد تائين تدارڪ ممڪن بڻجي سگھي.

سنڌ ۾ ھنن برساتن ۾ ٿيل نقصان جي لاءِ سنڌ سرڪار کي فور طور تي تحرڪ وٺي سنڌ ۾ ٿيل نقصان جو ڪاٿو ڪري انھن جي تدارڪ جي لاءِ ڪو فور رليف جو اعلان ڪرڻ گھرجي جيئن آبادگارن جي مدد ٿي سگھي. جيئن تھ ھي برسات پڻ  قدرتي آفت آھي، جنھن ڪري انھن سمورن متاثر ٿيندڙ ھارين نارين، آبادگارن ،زميندارن ۽ مالوند ماڻھن جي بھ سار لھڻ وقت جي سرڪار تي فرض ٿئي ٿو، تنھڪري ھنن سان سھڪار ڪندي انھن جي ھر طرح جي مدد ڪئي وڃي.

سنڌ حڪومت جي روينيو کاتي وٽ اھڙو سسٽم ھئڻ گھرجي جو اھا سنڌ ۾ ٿيل نقصان جو تڪڙن بنيادن تي سروي ڪري سگھي ۽ ان جي ازالي جي لاءِ بھ لاڳاپيل شعبي کي متحرڪ ڪري ان جي سخت مانيٽرنگ ڪرڻ سان ھن معاملي کي بر وقت منھن ڏئي سگھجي ٿو.

سنڌ سرڪار کي ھنگامي بنيادن تي سروي ڪرائي مڪمل طور ٻڌي ويل ۽ ختم ٿيل فصلن جي درجا بندي ڪندي ڪئي وڃي جيڪي علا.ئقا وڌيڪ متاثر ٿيا ھجن انھن جي لاءِ ان موجب ۽ جيڪي علائقا وچولا متاثر ٿيا ھجن انھن جي لاءِ ان تحت جيڪي علائقا جزوي طور متاثر ٿيا ھجن ان جو ان جي مناسبت سان ھڪ قابل قبول رليف پئڪيج جو اعلان ڪرڻ گھرجي جيئن عام ماڻھو ھنن ڏکين حالتن مان نڪري سگھي ۽ ٻيھر حياتي جي گاڏي کي ھلائڻ جوڳو ٿي سگھي.

ملڪ ۾ سنڌ اھڙو علائقو آھي جتي ٻين صوبن جي نسبت غربت گھڻي آھي،ھتي جو عام ماڻھو ڪيترن ئي مسئلن ۾ ڦاٿل آھي، مٿان وري ھاڻوڪي مھانگائي عام ماڻھون جي حياتي کي گھڻو مشڪل بڻائي ڇڏيو آھي، ڪيترائي ماڻھون پنھجي رواجي معاملن کي منھن ڏيڻ جي سگھھ نٿا رکن جنھنڪري ھاڻوڪين برساتن جي ھنن جي لاءِ زندگيءَ کي ڏکيو ڪري وڌو ھوندو.

ھاڻوڪي زوردار برسات سان جتي سموري سنڌ جو ڍانچو گھڻو متاثر ٿيو آھي اتي ڏورانھين علائقن جو غريب ماڻھو پڻ ھن وقت اٽي اجھي ۽ لٽي جي لاءِ پريشان ٿي ويو آھي اتي زندگيءِ کي نئين سري سان شروع ڪرڻ جي لاءِ  ھن کي حالتن کي معمول تي اچڻ جو انتظار ڪرڻو پوندو، ان لاءِ توقع ڪجي تھ سرڪار پنھنجي ماڻھن جي جوڳي سار لھي ھنن کي ھڪ حد تائين پاڻ ڀرو ڪرڻ ۾ اڳتي وڌندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.