ڏوڪري ۾ عورت جو مڙس سميت احتجاج

ڏوڪري ( ن ع آ ) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ بابل خان جروار جي رهواسڻ مسمات ممتاز خاتون چانڊيو پنهنجي مڙس ڪانڊيرو چانڊيو سان گڏ ڏوڪري پريس ڪلب ۾ صحافين اڳيان احتجاج ڪيو ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي لال بخش چانڊيو، سڪندر چانڊيو، خدا بخش چانڊيو ۽ ٻيا اسان کي رشتي گهرڻ لاءِ تنگ ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته اسان کي اغوا ۽ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، اسان خدا بخش چانڊيو کان پنهنجي نياڻي کي ڪورٽ ۾ خلع ڏياري هئي جيڪي هاڻي اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، اسان آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو، ڊي ايس پي ڏوڪري ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.