باقراڻي ۾ عورت قتل الزام هيٺ آيل ڳوٺاڻن جو لاڙڪاڻي ۾ احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) باقراڻي ويجهو ڳوٺ بنگل ابڙو ۾ گذريل 20 مئي تي قتل ٿي ويل عورت جي ڪيس ۾ الزام هيٺ آيل ڌر طرفان پاڪ ڪتاب کڻي ڪالھه به لاڙڪاڻو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻي عبدالستار ابڙو پنهنجي مامي زهره خاتون، ماسات حاجل خاتون، ماسات خانزادي، صابل، حبيبان ابڙو ۽ ٻين سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته گذريل 20 مئي جي ڏينهن منهنجي ذهني مريض ماميءِ مسمات راڻي زال اڌل ابڙو پنهنجي مٿان بندوق جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي هئي، جنهن جي واقعي جو ڪيس ماميءِ جي ڀائرن خادم ابڙو ۽ منظور ابڙو سندس مڙس اڌل ابڙو، قابل ابڙو، امداد، ساجن ۽ اڪبر ابڙو خلاف باقراڻي ٿاڻي تي داخل ڪرايو آهي، جنهن ڪيس جي آڙ ۾ پوليس اسان جي هڪ ماڻهو قابل ابڙو کي گرفتار ڪري جيل اماڻي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ماميءِ راڻي خاتون ان کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا شاخ ۾ ٽپو ڏيڻ سان گڏ بجلي جي تارن ۾ هٿ وجهي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن کي سندس گهرڀاتين بچائي ورتو هيو، هنن چيو ته عورت به اسان جي مري وئي آهي ۽ پوليس به وري اسان جي مٿان ڪوڙو ڪيس مٿان داخل ڪيو آهي. هن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي واقعي جي صاف شفاف جاچ ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.