ٿاڻو بولا خان ۽ ڀرپاسي بدامني، 2 وارداتون، احتجاج

ٿاڻوبولاخان (ن ع آ  ) ٿاڻوبولاخان شھر ۾ بدامني ختم نہ ٿي سگھي چوريون روز جو معمول  بڻجي ويون  ڪوھستان جي مشھور مزاحيہ  شاعر قمر ڪوھستاني ۽ ٻئي  رٽائرڊ ھيڊ ماستر اشتياق خاصخيلي جي گهرن مان نامعلوم چور نياڻي جو ڏاج سميت گهريلو سامان پاڻي جي موٽر گھرن مان چوري ڪري ويا هتي هاڻي چوري  ٿيڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي ساري، سنڌ م  امن امان طور مشھور ڪوھستان ٿاڻوبولاخان چورن جو ڳڙھ بڻجي ويو پوليس خاموش تماشائي بڻيل پوليس انتظاميه جي لاپرواهيءَ سبب شھر جو امن خراب ٿيندو پيو وڃي جڏھن ٿاڻوبولاخان شھر جي رھواسين واپارين ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو آھي ٿاڻي بولاخان شھر ۾ بند پيل ديوانن جي گھرن ۽ دڪانن مان شٽر ٽوڙي چوري جون وارداتون معمول بڻجي ويون آھي امن امان واري شھر کي خبر ناھي ڪنھن جي نظر لڳي ويئي آھي وڌنڌڙ چورين جي وارداتن سبب ھتان جي رھواسين ۾ بي چيني پکڙيل آھي رھواسين چيو ته ٿاڻي بولاخان شھر ۾ وڌنڌڙ چورين جون وارداتون ٿاڻوبولاخان پوليس انتظاميه تي  ھڪ سواليه نشان آھي آخر پوليس چورين تي ڪنٽرول آڻڻ لا جوڳا قدم ڇو نٿي کڻي چورن کي قانون جي گرفت ۾ ڇو نٿي آڻي پوليس چورن کي گرفتار نہ ڪيو تہ   ٻي  صورت ۾   پوليس جي  خلاف احتجاج ڪيو  ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.