يوڪرين جنگ ايتري ڊگهي ڇو!

نذير سومرو

جنگ جي ڪيترن ئي قسمن منجهان هڪ قسم ”ڊگهي محدود جنگ“ آهي جيڪا وڌيڪ اعصاب ٿڪائيندڙ ۽ صبر آزما هوندي آهي. هن جنگ ۾ تڪڙا نقصان جيڪي ماڻهوءَ جو هانءُ کائيندڙ هجن ۽ انسان ڏڪي وڃي ان بجاءِ هي آهستي آهستي انساني اعصابن تي حملي آور ٿيندڙ هوندي آهي. مثال طور هڪ حملي ۾ ڪو وڏو بم هڻي ڪو ملڪ ڪنهن جو شهر تباه ڪري ته سموري دنيا ان طرف متوجهه ٿيندي مظاهرا ٿيندا ان ملڪ تي لعنت ملامت ٿيندي پر ان جي جاءِ تي جيڪڏهن ڊگهي محدود جنگ وڙهي وڃي ٿي ته ٿيندڙ نقصان ڪڏهن تمام ٿورو ڪڏهن ٿورو وڌيڪ هجڻ ڪري دنيا ايترو محسوس نه ڪندي ۽ ڪنهن به ملڪ تي ايتري لعنت ملامت ڪونه ٿيندي.

آمريڪا هن وقت روس مٿان اهڙي قسم جي جنگ مسلط ڪري چڪو آهي. هيءَ جنگ جنهن لاءِ  اندازو هو ته روس ڪي سرجيڪل اسٽرائيڪ ڪري يوڪرين کان ”نو فار نيٽو“ چورائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو پراهڙي قسم جا سڀ اندازا غلط ثابت ٿيندي پيا ڏسجن.

آمريڪا جيڪو پراڪسي وار (پرائي ڪلهي تي بندوق رکي وڙهڻ) جو ماهر رهيو آهي اهو هاڻي هيءَ جنگ انتهائي زبردست جنگي حڪمت عمليءَ سان وڙهي پيو. جنگ کي ايتري ڊيگهه ڏيڻ، جو هن وقت دنيا حيران آهي ته ڇا پيو ٿئي. يوڪرين ايترو وقت وڙهي سگهڻ جي طاقت رکندڙ هرگز ڪين هو. جنگي فن، فوجي لحاظ کان، پيسي جي لحاظ کان هر طور تي روس ان کان ڏاڍو به هو ته نفسياتي برتري رکندڙ پڻ. ته پوءِ  هيءَ جنگ ڪير ۽ ڪيئن پيو وڙهي.

اهو ڪمال آمريڪا کي ئي حاصل آهي ته هو سي آءِ اي ذريعي دنيا جي جنهن ڪنڊ ۾ چاهي ڪنهن کي هيرو ته ڪنهن کي زيرو بڻائي سگهي. هن وقت سي آءِ اي يوڪرين کي ”هڙان ۽ وڙان“ مدد فراهم ڪري رهي آهي ۽ سفارتي ميدان تي آمريڪا روس مٿان دٻاءَ به وجهي رهيو آهي ته هو ڳالهين جي ميز تي اچي ۽ ڳالهين جي ميز ان لاءِ  وري ڪنڊن جي سيج ثابت ڪرڻ جو اڳ ئي انتظام ڪيو ويو آهي جنهن ذريعي يوڪرين پنهنجي آزاديءَ جي نالي ۾ اها گهر ڪندو ته روس سندس آزاديءَ/اندروني ۽ بيروني پاليسيءَ ۾ ڪا مداخلت ڪونه ڪندو اهڙيءَ ريت ”خط ڦري ملي آمريڪا کي“ مصداق يوڪرين نيٽو ۾ شامل ٿيندو جيڪا ڳالهه روس کي ڪڏهن به منظور ڪونهي. اهڙيءَ ريت هيءَ جنگ ڊگهي ڪرڻ ۾آمريڪا ڪامياب ويندو.

هتي اهو سوال ته ڊگهي محدود جنگ منجهان آمريڪا ڪهڙا مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. ان جو جواب آهي ته آمريڪا لاءِ  دنيا جو ڪوبه مضبوط ملڪ (پيسي، فوجي، ايراضيءَ جي لحاظ کان) قابل قبول ڪونهي. هو چاهي ٿو ته دنيا ننڍن ننڍن ملڪن ۾ ورهايل هجي يا ائين کڻي چئجي ته اوڻيويهه سو اوڻويهه ۾ آمريڪي صدر وڊروولسن وارو خواب ساڀيان پيو ٿئي. ياد رهي ته وڊروولسن پهرئين جنگ عظيم جي پڄاڻيءَ تي چيو هو ته هاڻي دنيا ۾ ملڪ قوميتن جي بنياد ٿي ٺهڻ گهرجن. جيڪڏهن ائين ٿيو ته ان جا ٻه فائدا پوندا آمريڪا کي. هڪ ته اهي قومون ڀر وارين قومن خلاف سدائين حالت جنگ ۾ رهنديون ۽ اسلحي جو ڪاروبار عروج تي هوندو جنهن جو وڏي ۾ وڏو فائدو آمريڪا کي ٿيندو ٻيو ته اهي ڪڏهن به آمريڪا، اسرائيل لاءِ  خطرو نه بڻبا.

اهي هدف جنگ سبب ٿيندڙ مهانگائي ذريعي حاصل ڪري سگهجن ٿا. مهانگائي ڪري ڪمزور معيشت وارا ملڪ آءِ ايم ايف وٽ ”حاضر“ ٿيندا ۽ دنيا ڏسي چڪي آهي ته قرضن جو وڇايل ڄار هاڻي نتيجا ڏيڻ شروع ڪري چڪو آهي. رڳو سريلنڪا ڪونه ٻيا ملڪ به هن حالت ۾ پهچڻ لاءِ  تيار آهن. انهن ملڪن ۾ ارجنٽينا، مصر سميت ڪيترائي ملڪ شامل آهن. اسان وارو ملڪ شايد ان ڊوڙ ۾ سڀ کان اڳ هجي. اندازو لڳايو ته تازي سروي موجب دنيا جي طاقتور ملڪن جي پاسپورٽ واري لسٽ ۾ اسان جي ملڪ جو نمبر هيٺان کان چوٿون نمبر آهي يعني رڳو ٽي ملڪ ٻيا آهن جنهن ۾ سرفهرست اهو ملڪ آهي جنهن لاءِ  اسان پنهنجي سموري معيشت، پنهنجي سموري عزت داءَ تي لڳائي چڪا آهيون. اوڻويهه سو اسي کان اڄ تائين اسان ان لاءِ  پنهنجي گهر ۾ باهه لڳائي آهي. باقي  ٻيا ٻه ملڪ به برادر ملڪ عراق ۽ شام آهن. پاسپورٽ کي رڳو ڪجهه پنن تي ٻڌل هڪ ڪتاب نه سمجهو هي اوهان جو تعارف هجي ٿو. هي ٻڌائي ٿو ته ”اوهان دنيا لاءِ  ڪيترا وڻندڙ/اڻ وڻندڙ آهيو“ دنيا اوهان سان ڪيترو پيار ۽ ڪيتري نفرت ڪندڙ آهي اڃا وڌيڪ تز لفظ اهي ته ”اوهان جي ڪيتري عزت آهي“

دنيا ۾ سموريون حالتون ٻڌائين پيون ته قرضي ملڪ وڌندڙ مهانگائيءَ جي سٽ سهڻ لائق ڪونه رهيا آهن. اهي هاڻي اهڙي اٽڪاءَ تي بيٺل آهن جو هڪ ڌڪي جو انتظار پيا ڪن. دنيا ۾ قوت خريد وڃي پيئي گهٽجندي. اهي ملڪ جيڪڏهن هڪ ڌڪي سبب ڊيفالٽ ڪري ويا ته انهن جو عوام تنگ آمد بجنگ آمد وانگر گهران نڪري ايندو جنهن جي آجيان سي آءِ اي ڪرڻ لاءِ  اڳ ۾ ئي پهتل هوندي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.