بلاول ڪاڪا جو قتل ۽ ڌاري آبادڪاري خلاف منظم جدوجھد جي ضرورت

عامرانصاري

اڄ وري سٻاجھڙي سنڌ جي مٿان روڄ راڙو متل آهي خوشين جا ڏيئا اجھائي رھيا آھن حسرتون خودڪشيون ڪن پيون اداسين جا نيڻ سوڳ ۾ ورتل آهن رات جي اونداھيءَ ۾ چنڊ سمنڊ جي ڪناري ھم ڪلامي ڪري ھن ديس جي ڏکن تڪليفن اذيتن ۽ پيڙائن جا داستان ٻڌائي لڙڪ لاڙي رھيو آھي جتي صدين جا ٿڪل مسافر آرام لاءِ پنھنجا ٿڪ ڀڃڻ لاءِ آکيرن جا رخ ڪندا ھوندا اُھي آکيرا به اڄ اجڙي ويل نظر اچي رهيا آهن ھر ھڪ گھر ۾ درد نوحو گونجندو ھوندو پنھنجي پيارن وڇڙڻ جون آھون ۽ دانھون تيز طوفان جيان اُنھن امڙين، ڀينرن، نياڻين ۽ اوڙي پاڙي جي ڪنن تي پھتون ھونديون ڪيترن ئي احساس رکندڙ ماڻهن جو ھانءُ دھلجي ويو ھوندو سڄو جسم ڏک ۽ تڪليفن ۾ سُن ٿي ويو ھوندو سوڳ ورتل اکڙيون زارو قطار اوڇنگارون ڏئي رھيون ھونديون جن اوچنگارن جا آواز فرش کان عرش تي ٻڌڻ ۾ آيا ھوندا ته يقينن! آڪاش به سوڳ ۾ ڳاڙهو لعل ٿي ويو ھوندو اُنهن نياڻين جي اکڙين مان وھندڙ ڳوڙها قطرو قطرو ٿي دردن جا درياءَ ٿي ويو ھوندو جن نياڻين جي ڳڀرو گھوٽن کي وقت جي وحشي بگهڙن پنهنجي وحشت، دهشت ۽ بيرحميءَ سان تشدد جو نشانو بڻائي چچريل لاش اڇلائي روڊن رستن تي قتل ڪيو ھوندو اُنهن جا اداس ڀنل نيڻ اونداهيءَ جي ٻاٽ ۾ هميشه جي لاءِ وسامي ويا ھوندا جن جي ڳڀرن جو ساھه کي وڪوڙي قبر جي قيد ڪمري ۾ اڇلائي ڇڏيو ھوندو محبتن جا ميلا سدائين لڙڪن ۾ تبديل ٿي ويا ھوندا ھي ڪھڙو ديس آهي جتي امن جا پکي اڏامي ويا آهن جتي سچ ۽ انصاف کي اڳ ئي سج گرهڻ لڳي وئي آهي ھر ھڪ اک لڙڪن سان آلي آهي سونا سنگ ڏيندڙ سنڌ ڌرتي اڄ پنهنجي ڳڀرن گھوٽن جا لاش پئي ڏي دردن جو ديس بڻيل سنڌ ڌرتي جنھن مٿان ڪيترائي ڏک موت جيان لامارا ڏيندا رھن ٿا پوءِ ھي ديس نفرت جيان ھن سماج جي منھن تي ھر دور ۾ ڪارنھن ملي رھيو ھاڻي ھن سماج ۾ انسان جو رھڻ به مشڪل ٿيندو پيو وڃي چوطرف زھريلي واڳن جي وات ۾ آھيون خبر ناهي ڪھڙي وقت موت پنھنجي ھنج سمھاريو. ڪائنات جي خوبصورت نظارن کان محروم ڪري ڇڏي اھڙا ئي زھريلا واڳون اسان جي ھن ديس ۾ پلجن پيا جن ڪيترن ئي حسين مرڪندڙ چھرن کان مرڪون کسي موت جي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪري ابدي ننڊ سمهاري ڇڏيو ايئن ئي حيدرآباد ۾ هوٽل جي مالڪن افغانين بلاول ڪاڪا ۽ سندس دوستن تي حملو ڪري ڏنو جنھن کي لوهي سرين ۽ لٺين سان وسڪارو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو جنھن کانپوءِ بلاول ڪاڪا سرين لٺين ۽ گولين جا سور نه سهندي گذاري ويو. جنھن کانپوءِ سڄي سنڌ ۾ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جي لھر ڇانيل آهي بلاول ڪاڪا جي بيگناهه قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سرِعام ڦاسي ڏني وڃي سنڌ جو شعور ھاڻي سزا نه پر ڦاسي پيو گھري جنھن ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شھرين گڏ ٿي پاڻ ملھايو جنھن کانپوءِ سنڌ جي ننڍن ۽ وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو، نوابشاهه، لاڙڪاڻي، سکر خيرپور ميرس ۽ ميرپورخاص سميت سڄي سنڌ ڌرڻا ۽ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا ته وري ٻئي پاسي افغاني پٺاڻن سھراب ڳوٺ، ال آصف اسڪوائر ۽ جمالي پل کي مڪمل بلاڪ ڪري سرِعام دھشتگردي جو مظاھرو ڪندي سنڌي ماڻهن ۽ نياڻين تي انسانيت سوز تشدد ڪندا رھيا ھٿيارن جي زور سنڌي وسندين مٿان چڙھائي ڪري مسلسل فائرنگ ڪري سنڌ ۾ پنھنجي موجودگيءَ ۽ داداگيري جو ثبوت ڏيندي سنڌي ماڻهن مٿان ڏھڪاءُ پکيڙيندا رھيا ھر ايندڙ ويندڙ گاڏين کي روڪي مٿان برسات جيان انڌاڌنڌ فائرنگ سڌي ڪري سنڌين ماڻھن کي سخت زخمي ڪري گاڏين جا شيشا ٽوڙي نقصان پهچائي، سنڌ ۾ اهڙا واقعا ڪو پهريون ڀيرو ناھن ٿيا مسلسل ھن امن جي سنڌ ڌرتي کي پنهنجن ئي پٽن جي رَتَ سان وھنجاريو پيو وڃي ھميشه کان سنڌ دشمن پيپلزپارٽي سنڌ جي وجود تي وار سنڌ ڪيو آهي ڌارين کي خوش ڪرڻ ۽ اُنهن جي دلالي ڪرڻ لاءِ سنڌ جون زمينون ڀڳڙن مٺ تي ڌارين کي ڏئي سنڌ اندر ڌارين جون ڪالونيون آباد ڪيو پيون وڃن لکن جي تعداد ۾ افغاني کي سنڌ ۾ پناهگير بڻائي سنڌ ڌرتي جي امن شانتيءَ کي تباهه ڪيو پيو وڃي جنھن جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي.

ماضي کان وٺي سنڌ جا سياسي، سماجي تنظيمون ۽ قومپرست اڳواڻ چوندا رھيا ته ڌاري آبادڪاري سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن کي اقليت تبديل ڪرڻ جي سازش آھي جيڪا سنئون سڌو سنڌ جي وجود تي وار آهي جنھن لاءِ ڪيترائي ڀيرا احتجاج مظاهرو، ڌرڻا، ريليون ۽ لانگ مارچ ڪيا ويا پر حڪمرانن کي اِھا ڳالھه اڃان سمجهه ۾ ڪونه پئي اچي ھاڻي ته ڪراچي، حيدرآباد، ڪوٽڙي نوابشاهه ۽ سکر سميت ۾ افغاني پناهگير جيڪا دهشتگردي ڪندا رهيا آهن اُھا ڪنھن کان به ڳجهي ناھي ھوٽلن ھلائڻ جي بھاني ڪيميڪل وارو کير چانھه ۾ ملائي رھيا آھن جنھن سبب ڳلي جي ڪينسر، گڙدا فيل ۽ ڪيتريون ئي بيماريون جنم وٺي رھيون آھن نه صرف ايترو پر ھيروئن، آفيم ۽ چرس جھڙا ڪڌا ڪاروبار ڪندا رھن ٿا ھاڻي ته ھيروئن، چرس ۽ آفيم تعليمي ادارن اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين تائين پهچي چڪو جيڪو سنڌ جي نوجوان نسلن کي تباھه ۽ برباد ڪري رھيو ڪيترائي گھر، ويڙھا نشي ڪارڻ اجڙي ويا آهن ڪيترن کان پنھنجا پيارا وڇڙي ويا.

افغاني پناهگيرن جي  سنڌ ۾ اچڻ سان سنڌ پھريون ڀيرو ھيروئن، آفيم ۽ چرس جهڙي موت مار نشي کان واقف ٿي اُن سان گڏوگڏ هٿيارن جي واپار ۾ ملوث آهن ھاڻي ته افغاني پناهگيرن کي سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائيل ۽ شناسي ڪارڊ ٺھرائي سنڌين جي حقن تي وڏو ڌاڙو هنيو ويو آهي.

سنڌ اندر کان اڳ به ڪيترائي خطرناڪ واقعا پيش اچي چڪا آهن بلاول ڪاڪا کان ويندي ارشاد رانجهاڻي، شھزادو چانڊيو ۽ ڪيترائي نوجوان هنن ظالم خونخوار افغانين پٺاڻن جي هٿان قتل ٿي چڪا آهن ايتري حد تائين جو ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن مان ننڍڙن ٻارڙن کي اغوا ڪري ٻاھرين ملڪن ڏانھن موڪلي دھشتگردي جي ٽريننگ ڏني پئي وڃي ۽ ڪيترن ٻارڙن ئي سان جنسي زيادتي جي واقعن ۾ پڻ ملوث آهن.

اسان سنڌ حڪومت کي مطالبو ڪيون ٿا جيڪي ورھين کان سنڌ ۾ افغانين جا ٽولا آباد آهن تن کي فوري طور سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي سنڌ جي باشعور عوام کي نماڻي وينتي ٿي ڪجي ته پرامن طريقي سان افغاني پٺاڻن کان سوشل بائيڪاٽ ڪيو وڃي ۽ ڪابه شيءِ اُنھن کان خريد نه ڪن جيئن پھريان سنڌ جي شعور پاڻ ملهايو اُنھيءَ  ريت اُنھن افغانين کان سوشل بائيڪاٽ ڪري پنھنجي شھرن جي پريس ڪلبن تي احتجاجي مظاهرا ڪيا وڃن جيئن افغاني تنگ ٿي سنڌ ڌرتيءَ کي ڇڏي وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.