ڪراچي يونيورسٽي ڌماڪي جي مک سهولتڪار جو خاڪو تيار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي يونيورسٽي آپگهاتي بم ڌماڪي جي جاچ ۾ وڌيڪ اڳڀرائي سامهون آئي آهي. پوليس ذريعن موجب دهشتگردي ۾ ملوث مک سهولت ڪار زيب جو خاڪو تيار ڪيو ويو آهي جيڪو سي ٽي ڊي طرفان سي سي ٽي وي ۽ اکين ڏٺن شاهدن جي مدد سان تيار ڪيو ويو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪراچي يونيورسٽي آپگهاتي حملي ۾ استعمال ڪيل بارود سان ڀريل بيگ دهشتگرد زيب تيار ڪيو هو ۽ دهشتگرد ڪراچي جي علائقي دهلي ڪالوني ۾ جوابدار هيبتان جي ڪٽنب سان رهي رهيو . ذريعن ٻڌايو ته دهشتگرد زيب بي ايل اي مجيد بريگيڊ جي دهشتگردن کي سکيا ڏيندو هو. سي سي ٽي وي رڪارڊ موجب گهربل دهشتگرد زيب بروهي بلوچ آهي سندس عمر 26 سال ۽ قد 5 فٽ 7 انچ آهي. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته گرفتار دهشتگرد داد بخش عرف شعيب پڻ ان کان ئي سکيا ورتي، داد بخش کي 2020ع ۾ افغانستان ۾ دهشتگردي جي سکيا ڏني وئي. واضح رهي ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ 26 اپريل ٿي ٿيل آپگهاتي حملي ۾ ٽن چيني استادن سميت چار ڄڻا مارجي ويا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.