پيپلز بس جو نئون روٽ متعارف، نمائش کان سي ويو تائين هلندي

ڪراچي (رپورٽر)پيپلز بس سروس نمائش کان سي ويو  تائين نئون رستو متعارف ڪرايو ويو آھي. ايس آءِ ڊي سي ايل جي ترجمان موجب بس نمائش کان زيب النساءِ اسٽريٽ، ميٽرو پول، تين تلوار، بلاول چورنگي ۽ دلمان مال کان ٿيندي سي وي وي پهچندي. ترجمان جو چوڻ آهي ته پيپلز بس گرين لائين جي نمائش اسٽيشن تي موجود هوندي جڏهن ته گرين لائين ۽ پيپلز بس سروس جو ڀاڙو الڳ الڳ هوندو.ترجمان چيو ته گرين لائين مسافرن کان علاوه ٻيا مسافر به پيپلز بس سروس استعمال ڪري سگهندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.