سياسي ٽڪراءَ ۾ شدت جا آثار نمايان، حڪومت جو به ادارن کي سخت پيغام

لاهور (تجزيو: عمران شفقت ) پاڪستان  ۾ سياسي غير يقيني نومبر تائين جاري رهندي ۽ ان ۾ وڌيڪ شدت ايندي نظر اچي رهي، ڇو ته عمران خان نومبر واري مقرري ڪرڻ چاهي ٿو، ان لاءِ سر ڌڙ جي بازي لڳائڻ لاءِ تياري آهي. عمران جو  اصل هدف پنجاب جي وڏ وزارت نه آهي پنجاب جي وڏ وزارت پرويز الاهي کٽي ورتي، تڏهن به هارائي ويو تڏهن به عمران خان نئون ناچ شروع ڪندو.  ٿي سگهي وري لانگ مارچ جو اعلان به ڪري ڇڏي، هينئر  چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا به عمران خان  جو هدف آهي، ان جو  سبب اهو آهي ته فارين فنڊنگ ڪيس جي حتمي ڇنڊ ڇاڻ شروع ٿي چڪي آهي اهڙي ڀڻڪ پوڻ تي عمران خان وڌيڪ  ڇتو ٿي پيو آهي ۽ ڌمڪين تي لهي پيو آهي، مطلب  ته عمران خان جو هدف آهي ته آگسٽ ۾ چونڊون ٿين ان لاءِ هو هر صورت ۾ سياسي غير يقيني کي هٿي ڏيندو. ٻئي طرف ٻه چار ڏينهن اڳ خواجه سعد رفيق پريس ڪانفرنس ڪري انهن ادارن کي پيغام به ڏنو ۽ خبر ادار به ڪيو آهي جن جو عمران خان اڃان تائين لاڏلو آهي. (ن) ليگ جو پيغام انهن تائين پهچي به ويو آهي، خواجه سعد رفيق انتهائي ڪاوڙ ۾ هو پر سندس لفظن جي چونڊ بحرحال مناسب هئي. ان کانپوءِ  مولانا فضل الرحمان به پريس ڪانفرنس ڪري لاڳاپيل ادارن کي پيغام به ڏنو ۽ شهباز شريف کي به غيرضروري  شرافت جو مظاهرو ڪرڻ کان روڪيو ۽ صلاح ڏني ته عمران خان کي گرفتار ڪرڻ گهرجي، ان دوران عمران خان کي به ڌرتي تنگ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني ان جو مطلب ته اتحادين ۽ حڪومت جي برداشت به جواب ڏئي چڪي آهي، ان  ڪري مستقبل ۾ سياسي ٽڪراءَ ۾ وڌيڪ شدت ايندي نظر اچي رهي آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ صورتحال وڌيڪ واضح  ٿي ويندي ڇوته طاقتور حلقن جي به حالتن تي ڪڙي نظر آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.