دعا زهرا کي پهرين آگسٽ تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپوٽر) ڪراچي جي مقامي عدالت دعا زهرا کي پهرين آگسٽ تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جوڊيشل مجسٽريٽ اوڀر دعا زهرا جي بازيابي بابت سندس ماءُ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ۽ ڇوڪري کي پهرين آگسٽ تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ڪيس جي جاچ آفيسر کي حڪمنامو جاري ڪيو جنهن ۾ جاچ آفيسر کي دعا زهرا کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ پڻ جاچ آفيسر کي دعا زهرا جي لاهور کان ڪراچي منتقلي جو حڪم ڏنو آهي، دعا کي ڪراچي منتقل ڪيو وڃي ته جيئن ڪيس ۽ ڪسٽڊي وارو معاملو  اڪلائي سگهجي. عدالت چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ دعا زهرا جي ماءُ درخواست داخل ڪئي هئي ۽ دعا جي مفاد ۾ اها درخواست منظور ڪئي وڃي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.