ڪراچي واسين لاءِ ڳرا بل، فڪس ٽئڪس خلاف واپارين جو5 ڏينهن جو الٽيميٽم

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي ۾ بجلي بلن تي شهرين کي چڪر اچي ويا. فڪس ٽئڪس خلاف واپاري ايف بي آر پهچي ويا، ڪي اليڪٽرڪ هيڊ آفيس آڏو ڌرڻي جو الٽيميٽم ڏنو ويو آهي.. آل سٽي تاجر اتحاد ايسوسئيشن چيو آهي ته هر دڪان جي بجلي بل ۾ 6 هزار رپيا سيلز ٽئڪس لڳايو ويو آهي، جيڪا زيادتي آهي. هنن چيو ته ٽئڪس لڳائڻ وقت دڪانن جي وڏي ننڍي هجڻ جو به فرق نه رکيو ويو. ٻئي طرف سنڌ صرافا بازار ايسوسئيشن 40 هزار ماهوار ٽئڪس لڳائڻ جو فيصلو به رد ڪيو آهي .هوڏانهن فڪس ٽئڪس خلاف واپاري ايف بي آر پهچي ويا، چيف ڪمشنر سان ملاقات ڪئي. واپارين فڪس ٽئڪس بابت چيف ڪمشنر طارق مصطفيٰ کي لکت ۾ آگاهه ڪيو. هوڏانهن ڪراچي جي واپاري اڳواڻ عتيق مير چيو آهي ته 3 کان 6 هزار رپيا ٽئڪس واپس نه ٿيو ته ڪي اليڪٽرڪ هيڊ آفيس آڏو ڌرڻو هڻنداسين. شرجيل گوپلاڻي چيو ته ظالماڻي ٽئڪس خلاف احتجاج ڪيو ويندو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.