ميرا گهر ميرا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم جاري رکڻ جو اعلان

اسلام آباد(م ڊ) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته حڪومتمنهنجو پاڪستان، منهنجو گهر اسڪيم جاري رکندي، فنانس ڊويزن ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان هن وقت اسڪيم کي نئين سر جوڙڻ تي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ان کي جلد لاڳو ڪيو ويندو. جمعي ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ ۾ اجلاس منعقد ٿيو، هن چيو ته حڪومت منهنجو پاڪستان، منهنجو گهر اسڪيم کي انهن سمورن لاءِ جاري رکندي جنهن جون قرض جون درخواستون منظور ٿي چڪيون آهن ۽ جنهن ايڊوانسز (سوٿي) ادا ڪئي آهي. اسان بئنڪن کي به چونداسين ته هو وياج جي شرح کي گهٽ ڪن، هن چيو ته ان اسڪيم کي حڪومت نئين سري سان بهتري طريقي سان متعار ڪرائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، اسان هاڻي به اسڪيم کي سستو ۽ وڌيڪ وسيع بڻائڻ لاءِ ان جي جوڙجڪ جي عمل ۾ آهيون، ان نظرثاني ٿيل اسڪيم کي جلد ئي متعارف ڪرايو ويندو، هن چيو ته ان اسڪيم جي ذريعي عام ماڻهن پاران پهرين کان ڪيل سيڙپڪاري محفوظ رهندي.

بلوچستان ۾ طوفاني برساتن سبب فوتين جو انگ 99 ٿي ويو

ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان ۾ طوفاني برساتن سبب وڌيڪ 9 ماڻهو فوت ٿي ويا جنهن سان مجموعي فوتگين جو انگ 99 ٿي ويو آهي. تفصيلن موجب پي ڊي ايم اي برساتن سبب ٿيل نقصانن جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. پي ڊي ايم اي جي ترجمان 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 9 ماڻهو برسات جي ور چڙهي ويو، جڏهن ته تازين برساتن دوران مختلف حادثن ۾ فوت ٿيلن جو تعداد 99 ٿي ويو آهي. پي ڊي ايم اي موجب فوت ٿيندڙن ۾ عورتن ۽ ٻارن جو وڏو انگ شامل آهي، هن وقت تائين 39 ماڻهو، 28 عورتون ۽ 32 ٻار فوت ٿي چڪا آهن. فوتگيون بولان، ڪوئيٽا، زوب، دڪي، خضدار، ڪوهلو، ڪيچ، مستونگ، هرنائي، قلعه سيف الله ۽ سبي ۾ ٿيون، برساتن دوران حادثن ۾ 57 ماڻهو زخمي به ٿيا، پي ڊي ايم اي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته برساتن ۾ مجموعي طور تي سڄي صوبي ۾ 3953 گهرن کي نقصان پهتو،

 ڄام صادق پل جي مرمت ۽ نئين پل جي تعمير تي اتفاق

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي ٽيم ۽ ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بنهاسين سان گڏ ورلڊ بينڪ جي مجموعي پورٽ فوليو جو جائزو وٺندي ڄام صادق پل جي مرمت ۽ ماس ٽرانزٽ سسٽم لاءِ متبادل طور نئين پل جي تعمير تي اتفاق ڪندي واٽر بورڊ ۾ سڌارن وارو منصوبي تي پڻ ڪم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو التوا هيٺ آهي. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، سردار شاهه، مڪيش ڪمار چاولا، ناصر شاهه، ڄام خان شورو، قانون واري صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، بحالي واري کاتي جي صلاحڪار رسول بخش چانڊيو، سيڙپڪاري بابت خاص مددگار قاسم نويد، سماجي تحفظ بابت خاص مددگار ، چيف سيڪريٽري سنڌ ، چيئرمين پي اينڊ ڊي ۽ لاڳاپيل صوبائي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ماس ٽرانزٽ سسٽم جي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ ڄام صادق پل جي اوور هالنگ/ مرمت جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ ڄام صادق پل جي متبادل طور نئين پل جي تعمير تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. وڏي وزير پي اينڊ ڊي کاتي کي هدايت ڪئي ته هو موجوده ڄام صادق پل جي مرمت لاءِ پي سي ون تيار ڪري ۽ ان جي جاءِ تي نئين پل جي تعمير لاءِ پلان تيار ڪري.وڏي وزير چيو ته کيس معلوم ٿيو آهي ته واٽر بورڊ جي نيڪالي ۽ پاڻي جي ورڇ واري نظام جي درست نموني دستاويز هيٺ نه آندا ويا آهن ورلڊ بينڪ کي ٻڌايو ويو ته پراپرٽي ٽيڪس ڪليڪشن عملي کي ميونسپالٽي کاتي حوالي ڪيو ويو آهي ته جيئن ايندڙ ٻن ٽن سالن تائين ٽيڪس اوڳاڙي جاري رکي وڃي. وقت گذرڻ سان گڏ لوڪل ڪائونسل پنهنجي عملي کي تربيت ڏيندا ۽ ٽيڪس پاڻ گڏ ڪندا. منصوبي تحت شهر ۾ پراپرٽي جو نئين سروي ڪيو ويندو، جنهن لاءِ سروي جا ماهر ۽ ٻيو لاڳاپيل عملو مقرر/ ڀرتي ڪيو پيو وڃي.  ورلڊ بئنڪ جي ٽيم کي ٻڌايو ويو ته يوٽيلٽي اسڪيل سولر 400 ميگاواٽ تي 20 سيڪڙو، گهٽ ۾ گهٽ 20 ميگاواٽ ڊسٽريبيوٽيڊ سولر تي 80 سيڪڙو، 2 لک گهراڻن جي سولر هوم سسٽم تي 20 سيڪڙو ۽ صلاحيتي ۽ ٽيڪنيڪل سپورٽ تي 70 سيڪڙو اڳڀرائي ٿي چڪي آهي. وڏي وزير توانائي کاتي کي هدايت ڪئي ته منصوبي تي ڪم تيز ڪيو وڃي.

حادثي واري هنڌ پهتل 2 ايڌي رضاڪار  فائرنگ ۾ زخمي

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ لياري ايڪسپريس وي تي ڪار سوار شهري فائرنگ ڪري ٻن ريسڪيو اهلڪارن کي زخمي ڪري ڇڏيو، پوليس موجب گارڊن ڪٽ وٽ حادثي جي اطلاع تي رضاڪار واقعي واري هنڌ پهتا ته ڪار سوار  شهري موٽروي پوليس سان جهيڙو ڪري رهيو هو، ان دوران هن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ايڌي جا 2 رضاڪار زخمي ٿي پيا، جڏهن ته حادثي دوران جوابدار جي گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽروي اهلڪار زخمي ٿي پيو، جنهن بعد پوليس پهچي ٽنهي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.