سهراب ڳوٺ جي وڳوڙين مان 25 افغاني ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث

ڪراچي(رپورٽر)حيدرآباد ۾ بيدردي سان قتل ٿيل سنڌي نوجوان بلال ڪاڪا واقعي  کانپوءِ سهراب ڳوٺ ۾ وڳوڙ پکيڙيندڙ، شهرين تي پٿراءُ تي فائرنگ ۽ پٿر وسائيندي گرفتار ٿيل افغاني پٺاڻن بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيو آهي. وڳوڙ پکيڙڻ جي الزام ۾ گرفتار 25 وڳوڙي بابت انڪشاف ٿيو آهي ته اُهي افغان  شهري آهن ۽ ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث آهن. پوليس اختيارين رپورٽ اعليٰ اختيارين حوالي ڪندي انڪشاف ڪيو آهي ته گرفتار 25 وڳوڙي سهراب ڳوٺ ۾ غيرقانوني طور ترسيل هئا. پوليس رپورٽ موجب گرفتار وڳوڙي ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث آهن، اُنهن وڳوڙن جون وڊيوز افغانستان به اُماڻيون هيون.پوليس رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته جوابدارن وڳوڙن دوران شهرين کان به ڦرلٽ ڪئي، وڳوڙين جون وڊيوز ڀارت مان سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ٿيون.جوابدارن ۾ جلال الدين ولد جان محمد، محمد عادل ولد محمد اڪبر، دائود پٽ محمد دين، ذبيح الله ولد علاؤالدين، فرهاد ولد عبدالمنان، دائود پٽ عبدالله، سعيد محمد ولد نور جان، الله داد پٽ شامل آهن. خدائي رحيم ولد عزت الله ولد جمعه شامل آهن. ٻين جوابدارن ۾ يار محمد ولد الله محمد، عظيم ولد عزيز، اسد ولد وزير، ايوب ولد عبدالرحمان، اڪبر پٽ عبدالڪريم، احمد ظهير ولد عبدالقيوم، بشير احمد ولد عبدالرحمان، گل بهار شامل آهن. خطاب گل ولد يار الله ولد حضرت رسول، جمعه خان ولد مرجان، شاهزيب ولد اورنگزيب، فيروز ولد حاجي نادر، ابراهيم ولد ايم حنيف، محمد علي ولد محمد اڪرم، عتيق الرحمان ولد حاجي عثمان. امير پٽ غوث الدين. پوليس رپورٽ موجب ڦر دوران جوابدارن وڏي پيماني تي ڦر ڪئي، عورتن ۽ مردن کان موبائيل فون، پرس، سون جون باليون ۽ ٻيو سامان چوري ڪيو ويو. انهن خلاف ضلعي اوڀر جي 3 ٿاڻن ۾ 5 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، اهي ڪيس دهشتگردي، قتل، قتل جي ڪوشش جي تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.