عامر لياقت جي ڌيءَ پاران دانيا شاهه ۽ سندس ماءُ خلاف درخواست

ڪراچي (رپورٽر) مشهور ۽ مرحوم ايم اين اي عامر لياقت جي ڌيءَ دعا عامر عامر لياقت جي ٽئين گهرواري دانيه شاهه عرف دانيه ملڪ ۽ سندس ماءُ خلاف ڊائريڪٽر ايف آءِ اي سائبر ڪرائم سنڌ جي نالي تي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.دانياشاه بيڊ روم جي فٽيجز کي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيو هو .جنهن سبب منهنجو والد عامر لياقت ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿيو، ان جو سبب منهنجو پيءُ عامر لياقت وفات ڪري ويو، دعا عامر چيو ته منهنجي پيءُ عامر لياقت ۽ دانيا شاهه جي خلع ٿي وئي هئي، مون ان جي هڪ ڪاپي درخواست سان گڏ ڪئي آهي، دانياشاھ ۽ سندس ماءُ منهنجي پيءُ عامر لياقت کي دولت جي لالچ ۾ بليڪ ميل ڪري رهيا هئا، جنهن سبب منهنجو پيءُ اذيت ۽ مايوسيءَ جو شڪار ٿي رهجي ويو، منهنجي گذارش آهي ته دانيا شاهه، سندس ماءُ ۽ سندس گروهه خلاف صابر ڪرائم تحت سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته منهنجو پيءُ هن دنيا ۾ ناهي، پر کيس اهڙي سزا ملڻ گهرجي ته جيئن مستقبل جي زال پنهنجي مڙس سان مال دولت جي خاطر اهڙو سلوڪ نه ڪري، دانياشاه ۽ سندس ماءُ سلميٰ ۽ سندس لالچي گروهه جا ڪوڙ ۽ ٺڳي، توهين آميز بيان ۽ الزام سڀ ثبوت گڏ ڪيا ويا آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻي طرف ايڊووڪيٽ ضياءَ اعواڻ عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻنهي جوابدارن کي 5 سال قيد ۽ 50 لک رپين جي ڏنڊ جي سزا ملي سگهي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.