اسٽيبلشمينٽ لاڏلي کي وري ڳلي لڳائيندي؟

لاهور (عوامي آواز نيوز) ملڪ جي موجوده حالتن اهڙو رخ اختيار ڪيو آهي جو هڪ ڀيرو ٻيهر اسٽيبشمينٽ امتحان ۾ پئجي وئي آهي، اتحادي حڪومت  ته سچ به وڪڻي سگهي پر آمريڪي سازش وارو  ڪوڙ تي ٻڌل تي چورن عمران خان ڪاميابي سان وڪڻي ويو،  اتحادي حڪومت هينئر  تائين گورنر به مقرر ڪري نه سگهي،  صرف اتحادين ۾ وزارتن جي بندر  بانٽ ڪئي آهي، حڪومت ميڊيا  جو سگهارو هٿيار استعمال ڪري عوام کي  اهو سمجهائڻ ۾ به ناڪام وئي آهي ته  ملڪ جي معاشي حالتن ۽ آءِ ايم ايف سان ڪڙن شرطن تي معاهدي جو اصل ذميوار ڪير آهي. نتيجي طور سياسي غير يقيني برقرار آهي، جيڪا معيشت جي بهتري ۾ وڏي رڪاوٽ آهي، انهن حالتن ۾ اسٽيبلشمينٽ  کي ئي ڪردار ادار ڪرڻو پوندو.يا ته پنهنجي لاڏلي  کي سڀ ڪجهه معاف ڪري ڳلي لڳائي  يا وري  اتحادي حڪومت کي هٿي ڏئي ، عمران خان ايتري گار گند ڪري چڪو آهي جو ان کي ڳلي لڳائڻ ناممڪن هو، جيڪڏهن  اسٽيبلشمينٽ  اتحادي حڪومت جو ساٿ ڏنو ته پي ٽي آءِ ڪک پن ٿي وکري ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.