آصف زرداري آئين، جمهوريت ۽ عوام جي مفاد لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪيو: وزيراعظم

اسلام آباد(م ڊ) حمزا شهباز جي پنجاب جو وڏو وزير چونڊجڻ تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته چوڌري شجاعت حسين جو ڪردار جمهوريت ۽ آئيني قدرن جي سوڀ آهي، هڪ پيغام ۾ هن چيو ته چوڌري شجاعت ، هن جي خاندان ۽ ساٿين کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، وزيراعظم چيو ته چوڌري شجاعت، چوڌري ظهور الاهي شهيد جو سياسي وارث ۽ عملبردار آهي، هن پنهنجي عظيم والد ۽ خاندان جي جمهوريت روايت کي زنده جاويد ڪيو، شهبازشريف چيو ته الله تعاليٰ جي حضور آڏو شڪر جو سجدو ادا ڪريون ٿاجنهن اسان کي هڪ ڀيرو ٻيهر سرخرو فرمايو آهي، هن چيو ته اڳوڻي صدر زرداري آئين، جمهوريت ۽ عوام جي مفاد لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪيو، صدر زرداري جي سياسي رواداري بحران جو خاتمو ڪري ڇڏيو، آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ بلاول ڀٽو جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، اتحادي جماعتن جي سمورن محترم اڳواڻن کي هڪ هڪ ڪري خراج تحسين پيش ڪريان ٿو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.