چوڌري شجاعت جي پنهنجي سياست تي خراب اثر پوندا: سهيل وڙائچ

اسلام آباد(م ڊ) تجزئي نگار سهيل وڙائچ چيو آهي ته پنجاب جي اليڪشن کانپوءِ پاڪستان جي سياسي صورتحال ڳنڀير ٿي ويندي، چوڌري شجاعت جي خط جو ڪو سٺو اثر نه پوندو، اخلاقي برتري سان ڪرڻ سان توهان جي سياست به خراب ٿيندي آهي، چوڌري شجاعت جي سياست کي نقصان پهچندو،ق ليگ کي سنڀالڻ به مشڪل ٿي ويندو،هن چيو ته ق ليگ جي ن ليگ سان انڊراسٽينڊنگ نٿي هلي سگهي،مونس الاهي ۾ سياسي ڏاهپ آهي، هو سمجهي ٿو ته عمران خان جو مستقبل آهي،   حامد مير چيو ته مونس الاهي جي بيان مان ثابت ٿئي ٿو ته اهي عمران خان سان گڏ بيٺل آهن، چوڌري شجاعت جي خط باوجود هو عمران خان جو ساٿ جاري رکندا،چوڌري شجاعت جي خط کانپوءِ پرويز الاهي پنهنجي پاڻ کي به ووٽ نٿو ڏئي سگهي، چوڌري شجاعت ٻن ڏينهن کان پرويز الاهي کي سمجهائي رهيو هو،  تجزئي نگار ارشاد ڀٽي چيو ته اڄ کانپوءِ چوڌري شجاعت جي سياست کي سٺو نه سمجهيو ويندو، زرداري جو پنجاب ۾ هئڻ سٺو نه سمجهيو ويندو، حمزا شهباز ڀلي پنجاب جو وڏو وزير بڻجي ويندو، توهان کٽي به هارائي ويندا، چوڌري شجاعت ٻارن آڏو مجبور ٿي ويو، اقتدار کٽي ويو، تجزئي نگار حفيظ الله نيازي چيو ته پرويز الاهي جڏهن عمران خان سان ملاقات لاءِ بني گالا ويو ته چوڌري شجاعت ان کان بي خبر هو، پرويز الاهي پاران عمران خان جي حمايت چوڌري شجاعت کي انتهائي مايوس ڪيو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.