شرپسند لساني مسئلن لاءِ ڄاڻي واڻي افغانين بابت ڳالهائي رهيا آهن : مراد علي شاهه

ڪراچي رپورٽر )سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس حڪومت مڪاني چونڊن جي فيز 2 کي ملتوي ڪرڻ جي خلاف آهي، چونڊون 24 جولاءِ تي ٿيڻيون هيون پر اوچتو فيصلو ڪيو ويو جڏهن ته صوبائي حڪومت اليڪشن ڪميشن کي پنهنجي مڪمل سهڪار ۽ مدد جي خاطري پڻ ڪرائي هئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏينهن عبدالله شاهه غازي جي سالياني عرس جي اختتامي تقريب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي ساڻس گڏ مذهبي معاملن وارو صلاحڪار فياض ٻٽ، اوقاف بابت خاص مددگار پيار علي شاهه ۽ ايم پي اي نعيم کرل به موجود هئا. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جو ٻيو مرحلو ڪرائڻ جي خواهشمند آهي. هن چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن کي چيو هو ته دادو ضلعي جي ڪجهه علائقن ۾ تيز برسات جي صورت ۾ به صوبائي حڪومت ساڻن گڏجي ڪم ڪندي، هن وڌيڪ چيو ته عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست به رد ڪري ڇڏي هئي پر ان جي باوجود (بلدياتي چونڊون) ملتوي ڪيون ويون. ان تاثر جي ترديد ڪندي وڏي وزير چيو ته ڪجهه سياسي پارٽيون چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت خلاف احتجاج ڪري رهيون آهن. هن چيو ته هو انهن خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن جن کيس ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو ته پنجاب اسيمبلي ۾ جنهن پارٽي جي اڪثريت هوندي اها ئي حڪومت ٺاهيندي. هن چيو ته اهو بي بنياد الزام ۽ پروپيگنڊا آهي ته اسان هارس ٽريڊنگ لاءِ پنجاب ۾ پئسا موڪليا آهن ۽ وڌيڪ چيو ته اهو ساڳيو ”بي بنياد“ الزام 2018 ۾ لڳايو ويو هو ته ٻيڙين ذريعي 2 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ڪئي وئي ۽ پوءِ ٻيو الزام ته بنگلي جي بيسمينٽ مان لکين رپيا هٿ ڪيا ويا. سنڌ جي وڏي وزير هڪ اڳوڻي وفاقي وزير جي ليڪ ٿيل ٽيليفون ڪال ڏانهن اشارو ڪيو جنهن ۾ هن هڪ شخص کي مسلم ليگ ن جي ايم پي اي کي پئسا ڏيڻ لاءِ چيو هو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ هائوس کي بدنام ڪيو پيو وڃي. مراد علي شاهه چيو ته موجوده وفاقي حڪومت ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچائڻ لاءِ ڏکيا ۽ غير مقبول فيصلا ڪيا آهن. هن چيو ته اسان هن ملڪ ۽ ان جي عوام لاءِ پرعزم آهيون، نه ته اسان هن ملڪ کي تباهي جي ڪناري تي ڇڏي وڃون ها. افغانستان مان آيل غير قانوني مهاجرن جي شهر ۾ رهائش بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته شرپسند ۽ فسادي ڄاڻي واڻي افغانين بابت ڳالهائي رهيا آهن ته جيئن لساني مسئلا پيدا ٿين. هن چيو ته اها حقيقت آهي ته سنڌ ۾ ڪيترائي افغاني رهن ٿا پر اهي سڀئي غير قانوني نه آهن ۽ انهن مان اڪثريت وٽ ورڪ پرمٽ آهن ۽ هن وڌيڪ چيو ته جيڪي به هتي غيرقانوني طور رهندڙ هئا انهن کي واپس موڪليو وڃي. مراد علي شاهه چيو ته سهراب ڳوٺ ۽ حيدرآباد ۾ لساني مسئلا پيدا ڪندڙ ذميوارن کي جلد ڏکائين کي منهن ڏيڻو پوندو، اسان انڪوائري ڪري رهيا آهيون انهن جي نشاندهي ڪنداسين. ان کان اڳ  وڏي وزير عبدالله شاهه غازي جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ سندس سالياني عرس جي پڄاڻي تي دعا ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.