”فيصلا ڪندڙن“ طئي ڪيو آهي ته پاڪستان کي انارڪي ڏانهن وٺي وڃڻو آهي: تجزئي نگار

لاهور(م ڊ) سينئر ڪالم نگار، تجزئي نگاراياز امير چيو آهي ته فيصلو ٿي ويو آهي ته پاڪستان کي انارڪي ڏانهن وٺي وڃڻو آهي، مسئلو رڳو سپريم ڪورٽ نه ويندو، عوام بيدار آهي، روڊن تي به فيصلو ٿيندو، اسان جي سياستدانن پٺيان جيڪي بيٺل آهن انهن کان پڇڻ گهرجي ته اوهان ڪرڻ ڇا ٿا چاهيو، معيشت جو حال توهان جي سامهون آهي، ناٽڪ ۽ ڊراما جاري ۽ ساري آهن، ڪنهن کي پرواهه ئي ناهي هن ملڪ جي، هن چيو ته حمزا جي شڪل مان لڳي رهيو هو ته /کيس خبر ئي نه هجي ته کٽيندو يا نه؟ هن چيو ته عمران خان جو  علاج توهان ڪهڙو ڪندو، عوام مڃي ويندو، سوشل ميڊيا تي گهڻو ڪجهه هلي رهيو آهي،اهڙيون ڳالهيون هلي رهيون آهن جن جو اسان تصور به نه پئي ڪري سگهياسين،لڳي ٿو  ن ليگ پنهنجي پاڻ کي ڪنهن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، انهن جو مقصد آهي ته اقتدار ملي ڪيس ختم ٿين، عوام ته ننڍي چونڊ ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو،ڊالر ۾ گهٽتائي اچي۽ اسان ڊيفالٽ لائن جي ويجهو آهيون، ڀلا حمزا شهباز صورتحال سنڀالي سگهندو، ڇا عمران خان بني گالا ۾ گهر ويهي رهندو؟ سوشل ميڊيا اڳ ئي ڪنهن جي ڪنٽرول ۾ ناهي، اسان ملڪ سان ڇا ڪري رهيا آهيون، اڄ شجاعت چوڌري ظهور الاهي جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي، زرداري جي چوڻ تي هن قوم سان گڏ پنهنجي خاندان ۽ پارٽي سان به زيادتي ڪئي،ڪالهه تائين چئي رهيو  هو ته پرويز الاهي اسان جو اميدوار آهي، سياسي بحران وڌيڪ سنگين ٿيندو، اهڙيون شيون ڪري ڇا معيشت ٺيڪ ڪري سگهجي ٿي، اپريل وارو ايڊونچر ڪري توهان هن ملڪ سان ڇا ڪري ڇڏيو،  اينڪر ڪامران خان چيو ته پنجاب اسيمبلي ۾ جيڪو ٿيو اهو ته تڪرارن جي ماءُ آهي، پاڪستان جي معيشت تباهه آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ ڪري رهي آهي، اسان سياسي افراتفري جو شڪار آهيون، 186 وارو هارائجي ويو، 179 وارو کٽي ويو، جيڪا جماعت 20 مان 15 سيٽون کٽي وئي ان کي هارايو ويو، ان جو انجام ڪهڙو ٿيندو؟ پ پ جون پنجاب ۾ 7 سيٽون آهن، ن ليگ بابت سمورا فيصلا آصف زرداري پيو ڪري، سينئر صحافي مجيب الرحمان شامي چيو ته ق ليگ جو صدر چوڌري شجاعت آهي هن پارٽي کي هدايت ڪئي ته پرويز الاهي کي ووٽ نه ڏيو، هن غلط ڪيو يا صحيح ڪيو، پر حقيقت اها آهي ته پرويز الاهي هارائي ويو، چوڌري پريز الاهي اڳ ۾ ن ليگ، پ پ ۽ ق ليگ جو متفقه اميدوار هو، ان جو ضامن چوڌري شجاعت هو، سياستدان گڏجي ويهن، اقتدار جي جنگ کي ايترو نه وڌائين ته ضابطا اخلاق تباهه ڪري ڇڏين، عوام کي فيصلو ڪرڻ ڏين، هن ملڪ جي قسمت سان نه کيڏين، توهان جي سسٽم کي سڌارن جي ضرورت آهي، معيشت به ٺيڪ ڪرڻي آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.