ڊالر 228 رپين کان ٽپي ويو، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ به ٻاڙائي

ڪراچي (رپورٽر) انٽربينڪ ۾ ڊالر جي ڊگھي اڏام جو سلسلو   جاري رهيو. ڊالر وڌيڪ مهانگو ٿي 228 رپين کان به ٽپي ويو. جمعي جي ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي هڪ ڀيرو وري ڊالر جي قدر ۾ واڌ ڏٺي وئي ۽ ڊالر هڪ رُپيو 19 پئسا مهانگو ٿيو ۽ انٽر بينڪ ۾ ڪاروبار دوران ڊالر جو اگهه 228 رپيا ٿي ويو.انٽر بينڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جي قدر ۾ گڏيل طور تي هڪ رُپيو 56 پئسا واڌ ٿي ۽ آمريڪي ڊالر ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح 228.37 رپين تي بند ٿيو. اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ جمعي جي ڏينهن ٻه ٻاڙائي رهي. سياسي غير يقيني سبب ڪي ايس اي انڊيڪس 290 کان وڌيڪ پوائنٽون ڪري پيون. جيڪي اڳتي هلي 627 تي ڪريون. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي ويب سائيٽ موجب ڪي ايس اي 100 انڊيڪس صبح 11 لڳي 30 منٽ تائين 291 منٽ ڪري 39 هزار 541 پوائنٽن تي بند ٿيو، انٽر مارڪيٽ سيڪيورٽيز جي ريسرچ سربراهه رضا جعفري چيو ته ڪي ايس اي انڊيڪس ۾ ڪجهه ڏينهن بعد بهتر آهي، ڪجهه شيون وڌائي چڙهائي ٻڌائي افراتفري مچائي پئي وڃي. ڊائريڪٽر عارف حبيب ڪارپوريشن احسن محنتي چيو ته سياسي هلچل سبب رپيو وڌيڪ ڪمزور ٿيو ۽ ڪاروبار ۾ ٻاڙائي ٿي. .03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.