عمران ۽ مان هارائي وياسين، زرداري کٽي ويو : مونس الاهي

لاهور (م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ ق جي اڳواڻ مونس الاهي تصديق ڪئي آهي ته چوڌري شجاعت چيو آهي ته عمران خان جي اميدوار جي حمايت نه ڪندس. مونس الاهي جو چوڻ هو ته مان چوڌري شجاعت وٽ ويو هيس هن وڊيو پيغام رڪارڊ ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته عمران خان جي اميدوار جي حمايت نه ڪندس. خانگي ٽي وي موجب مونس الاهي چيو ته مان به هارجي ويو آهيان، عمران به هارجي ويو ۽ زرداري کٽي ويو. سندس چوڻ هو ته چوڌري شجاعت خط ۾ لکيو هو ته ڪنهن کي ووٽ ناهي ڏيڻو. ان کان اڳ خبر سامهون آئي هئي ته چوڌري شجاعت جو بيان سندس پٽ چوڌري سالڪ جي موجودگي ۾ رڪارڊ ٿيو.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.