ڊپٽي اسپيڪر جو فيصلو درست ناهي: اعتزاز احسن

اسلام آباد(م ڊ) پ پ اڳواڻ ۽ قانوندان بئريسٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته ڊپٽي اسپيڪر پنجاب اسيمبلي جو فيصلو درست ناهي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته فيصلو پارلياماني پارٽي جو ئي هوندو آهي، پارٽي سربراهه جو نه، هن چيو ته آرٽيڪل 63 اي ۾ واضح آهي ته پارلياماني پارٽي کي دسترس آهي، زرداري صاحب ته اهو ئي ڪيو جيڪو سياستدان ڪندا آهن، اهو ته چوڌري شجاعت کي سوچڻ گهرجي ها، حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته چوڌري شجاعت پرويز الاهي خلاف ٿي ويندو، ان خاندان ۾ هاڻي جهيڙو وڌندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.