پير جو ڳوٺ ڀرسان جوابدار پٽ ڪهاڙين جا وار ڪري پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

پيرجوڳوٺ/خيرپور/پريالوءِ(نمائندا ) وحشت جي انتها، پيرڳوٺ لڳ وحشي جوابدار معمولي ڳالهه تان پنهنجي پيرسن پيءُ کي ڪهاڙين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، ڪالهه فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻرڙا ۾ وحشي جوابدار احمد ناريجو پنهنجي پيرسن پيءُ اعتبار ناريجو کي ڪهاڙيون هڻي بي دردي سان قتل ڪري فرار ٿي ويو، اهڙي دل ڏکوئيندڙ واقعي جي اطلاع تي فيض محمد ٻنڊو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي پيرڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، علائقي ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي، ان سلسلي ۾ فيض محمد ٻنڊو پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار احمد ناريجو معمولي ڳالهه تان پنهنجي پيرسن پيءُ اعتبار ناريجو کي بيدردي سان  قتل ڪري فرار ٿي ويو آهي، پوليس معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي، جوابدار جي گرفتاري لاءِ پوليس ڇاپا هڻي رهي آهي جلد جوابدار کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڪارروائي ڪئي ويندي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.