ڪراچي ۾ ٻارڙو قتل، جوابدار کي گهر مان گهلي سيمينٽ جا بلاڪ هڻي ماريو ويو

ڪراچي (رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو) ڪراچي جي ڊاڪس ٿاڻي جي حد مڇر ڪالوني جي علائقي شيرازي چوڪ ڀرسان جھيڙي دوران فائرنگ ۽ تشدد ۾ ٻار سميت 2 ڄڻا قتل ٿي ويا ۽ ھڪ نوجوان سخت زخمي ٿي پيو،  اطلاع تي پوليس پھچي لاس ۽ زخمي کي سول اسپتال منتقل ڪيو،  پوليس موجب رفيق نالي نوجوان ٻن پاڙيسرين نوجوانن جي مٿان فائرنگ ڪئي، رفيق کي پاڙيسرن مبينا طور تي فائرنگ ڪندي ڏسي ورتو ته ملزم جي گھر جو گھيراءُ ڪري ورتو ۽ مڇريل علائقي واسين رفيق کي گھر کان ٻاھر ڪڍي بدترين مٿان تشدد ڪيو ۽ مٿي ۾ سيمنٽ جو بلاڪ هڻي قتل ڪيو،  پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل رفيق جي فائرنگ ۾ زخمي 10 سالن جو نينگر نبي عالم ولد عالم دين به  اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو، پوليس موجب رفيق جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ٻيو نوجوان نور اختر ولد نور عالم جي حالت به ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، پوليس موجب فائرنگ جو واقعو ذاتي رنجش جو نتيجو معلوم ٿي رھيو آهي، مارجي ويل جوابدار جي پستول جي ڳولا جاري آهي . پوليس موجب واقعي واري ھنڌ تان وڌيڪ شاھديون گڏ ڪري واقعي بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.