ن ليگ پاران شجاعت، زرداري ۽ سالڪ حسين جو شڪريو

لاهور(بيورو+م ڊ) وفاقي وزير سعد رفيق چيو آهي ته اسان ملڪ مضبوط ڪندا رهجي وياسين ۽ فيصلا اچي ويا، ننڍي چونڊ ۾ ڦاسايو ويو، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پنجاب ۾ جيڪو به فيصلو هوندو، اسان جي مرضي کان بغير نه ٿيندو، جيڪا به صورتحال هوندي ن ليگ ۽ اتحادين جو ڪردار هوندو، هن چيو ته عمران خان هر قيمت تي ملڪي ادارن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، اڄ کيس جمهوريت ياد اچي رهي آهي، اليڪشن ڪميشن ٻڌائي ته فارن فنڊنگ جو فيصلو ڪيترن سالن ۾ ايندو.حمزا شهباز جي ٻيهر وڏو وزير بڻجڻ تي هن مسلم ليگ ق ۽ پ پ جي قيادت جو شڪريو ادا ڪيو، ن ليگ پاران ڇوڌري شجاعت حسين، آصف علي زرداري ۽ چوڌري سالڪ حسين جو شڪريو

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.