چوڌري شجاعت پرويز الاهي کي سزا ڏني آهي: ڪائره

لاهور(م ڊ) وزيراعظم جي مشير ۽ پ پ جي مرڪزي اڳواڻ قمر الزمان ڪائره چيو آهي ته چوڌري شجاعت پرويز الاهي کي پنهنجن جو پاس نه رکڻ جي سزا ڏني آهي، الزام لڳي رهيا هئا ته پئسا هلي ويا، ووٽ خريد ڪيا ويا آهن، آصف زرداري خلاف سمورا ماڻهو ڳالهيون ڪري رهيا هئا، آصف زرداري آخري وقت تائين پنهنجي ڪوشش جاري رکي ٿو، هن چيو ته ن ليگ سان اسان جي لاڳاپن ۾ گهڻي عرصي کان بهتري آئي آهي، پارٽي هميشه نظرين جي سياست ڪري ٿي، هن چيو ته اهو فيصلو هڪ ڀيرو ٻيهر عدالتن ۾ ويندو، اها ڳالهه درست آهي ته عمران خان ڪوڙ کي سچ بڻائي وڪڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.