حيدرآباد ۾ يونائيٽيڊ ڊيموڪريٽڪ فرنٽ پاران مهانگائي ۽ آءِ ايم ايف جي پاليسين خلاف احتجاج

حيدرآباد ۾ يونائيٽيڊ ڊيموڪريٽڪ فرنٽ پاران مهانگائي ۽ آءِ ايم ايف جي پاليسين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪارڪنن بخشل ٿلهو، اسلم پرويز ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن ۾ مختلف تنظيمن جي ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته حڪمرانن ملڪ کي آءِ ايم ايف وٽ گروي ڪري ڇڏيو آهي، هر آئي ڏينهن کاڌي پيتي سوڌو ٻيون ضرورت واريون شيون مهانگيون ڪري غريب عوام۽ مزدور طبقي مٿان ظلم ڪيو پيو وڃي.

سندن چوڻ هو ته مهانگائي سبب هاڻ غريب ماڻهو ويلي سر ماني کائڻ کان به لاچار ٿي ويو آهي، جڏهن ته بک ۽ بدحالي سبب نوجوان خودڪشيون ڪرڻ جي مجبور ٿي ويا آهن

اڳواڻن وفاقي سرڪار کان مطالبو ڪيو ته ملڪ کي آءِ ايم ايف جي چنبي مان آزاد ڪري مهانگائي تي ضابطو آڻي عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.