مٽياري ۾ شهرين جو پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج

مٽياري ۾ شهرين پاران پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

شهرين پير علي شير، صالح سومرو، افسر پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پبلڪ هيلٿ کاتي وارن جي اناهلي سبب سموري شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جنهن ڪري ماڻهو پيئڻ جي پاڻي ڦڙي لاءِ تڙپي رهيا آهن.

هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته 24 ڪلاڪن اندر شهر مان پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ختم نه ڪئي وئي ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.