ڏهرڪي ۾ نينگري جي مبينا اغوا جي معاملي تان جهيڙو، هڪ ڄڻو زخمي

ڏهرڪي ۾ نينگري جي مبينا اغوا جي معاملي تان ٻن ڌرين جي جهيڙي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

راٺوڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ نينگري جي مبينا اغوا جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ جاويد راٺوڙ سخت زخمي پيو.

وارثن زخمي کي ڏهرڪي اسپتال پهچائي طبي امدادي ڏياري، جتي هن ميڊيا آڏو الزام هڻندي چيو ته  22 ڏينهن اڳ سندس 14 ورهين جي نياڻي مائي شيلا کي جوابدار رانبور، راشد، عيسيٰ ۽ ٻيا اغوا ڪري ويا، جنهن خلاف ڪيس داخل ڪرايو.

هن ٻڌايو ته ڪيس داخل ڪرائڻ تان جوابدارن مڇرجي حملو ڪري پسٽل جا بٽ هڻي زخمي ڪيو آهي.

زخمي ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گھوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي نياني کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.