بختاور ڀٽو جي پي ٽي آءِ کي انوکي صلاح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڀيڻ بختاور ڀٽو حمزا شهباز جي ٻيهر پنجاب جو وڏي وزير چونڊجڻ بعد پي ٽي آءِ کي صلاح ڏئي ڇڏي.

سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ بختاور ڀٽو چيو ته پي ٽي آءِ ووٽ جو انفرادي حق کسڻ لاءِ جدوجهد ڪئي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو جشن ملهايو ته ماڻهن کي پارٽي سربراهه جي پوئيواري ڪرڻ گھرجي ۽ هو پارٽي سربراهه جي ووٽ خلاف نه وڃي سگھي.

هن پي ٽي آءِ کي صلاح ڏيندي چيو ته توهان جيڪو پوکيو اهو ئي لڻيو ٿا، ته ويهي رهو، منهن ڏسو.

ان کانسواءِ بختاور پنهنجي بيان جي آخر ۾ جيئي زرداري جو نعرو به هنيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.