پي ٽي آءِ ۽ ق ليگ جو سپريم ڪورٽ سان رابطي جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ ق پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ ۾ ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ خلاف تحريڪ انصاف ۽ ق ليگ جو هنگامي اجلاس ٿيو جنهن ۾ پرويز الاهي، شاهه محمود قريشي، اسد عمر، شفقت محمود، عمر ايوب، علي امين گنڊاپور سوڌو ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي 186 اسيمبلي ميمبرن شرڪت ڪئي.

تحريڪ انصاف ۽ ق ليگ ڊپٽي اسپيڪر جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو ۽ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ جو چوڻ هو ته اڄ رات ئي سپريم ڪورٽ وينداسين، تحريڪ انصاف جا 186 ميمبر هاڻ سپريم ڪورٽ ويندا.

واضح رهي ته ن ليگ جو اميدوار حمزا شهباز ٻيهر پنجاب جو وڏو وزير چونڊجي ويو جڏهن ته پرويز الاهي کي ٻيهر شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.