عمران خان اڄ رات ئي احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان اڄ رات احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته حيرت آهي ته پنجاب اسيمبلي ۾ اڄ هنن ڇا ڇا ڪيو؟

سندس چوڻ هو ته آرٽيڪل 63 اي ۾ لکيل آهي ته پارٽي جو پارلياماني سربراهه فيصلو ڪندو آهي ته ڪٿي ووٽ ڪرڻو آهي، مان جيڪو خط لکيو اهو رد ٿي ويو وري پارلياماني ليڊر خط لکيو.

عمران خان چيو ته اڄ پنجاب اسيمبلي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي حيران آهيان، جمهوريت جو هڪ اخلاقي بنياد هوندو آهي، پارليامينٽ وٽ فوج ناهي اخلاقي طاقت هوندي آهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اڄ پنجاب ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو جمهوريت ناهي، عوام احتجاج ڪري، قانون هٿ ۾ نه کڻي پرامن رهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.