” ايڪ زرداري سب پر ڀاري“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري حمزا شهباز جي ٻيهر پنجاب جو وڏو وزير چونڊجڻ تي رد عمل جو اظهار ڪيو آهي.

ن ليگ جو اميدوار حمزا شهباز ٻيهر پنجاب جو وڏو وزير چونڊجي ويو جڏهن ته پرويز الاهي کي ٻيهر شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.

ووٽنگ جي نتيجي موجب پي ٽي آءِ اميدوار پرويز الاهي 186 ووٽ کنيا جڏهن ته مسلم ليگ ن جي حمزا شهباز 179 ووٽ کنيا.

ڊپٽي اسپيڪر چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب ق ليگ جا ڪاسٽ ٿيل سمورا 10 ووٽ رد ٿين ٿا ۽ ان ڳالهه جو اعلان ڪريان ٿو ته 10 ووٽ ختم ٿيڻ کانپوءِ حمزا شهباز پنجاب جو وڏو وزير چونڊجي ويو آهي.

حمزا شهباز جي چونڊجڻ کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري رد عمل جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي ٽوئٽ ۾ رڳو اهو لکيو ته ”ايڪ زرداري سب پر ڀاري“.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.