لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ، ريلوي ۽ هوابازي واري وزير خواجا سعد رفيق حمزا شهباز شريف کي ٻيهر پنجاب جو وڏو وزير چونڊجڻ تي رد عمل جو اظهار ڪيو آهي.
پنهنجي بيان ۾ خواجا سعد رفيق مسلم ليگ ق ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت جا ٿورا مڃيا، هن جو چوڻ هو ته مسلم ليگ ن پاران چوڌري شجاعت حسين، آصف علي زرداري ۽ چوڌري سالڪ حسين جا ٿورا مڃان ٿو.
ياد رهي ته ن ليگ جي اميدوار حمزا شهباز ٻيهر پنجاب جو وڏو وزير چونڊجي ويو جڏهن ته پرويز الاهي کي ٻيهر شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.