جيڪو ڪرڻو اٿو ڪريو، سبق سيکارينداسين: راڻا ثناءُالله

لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله حمزا شهباز جي وڏي وزير بڻجڻ کانپوءِ چيو آهي ته غرور ۾ ٻڏل ماڻهن ڌمڪيون ڏنيون، الله تعاليٰ کي غرور ۽ تڪبر پسند ناهي.

هن چيو ته الله تعاليٰ اسان کي سرخرو ڪرڻ ۽ فسادين کي خوار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، چوڌري شجاعت جي فيصلي ملڪ کي عمراني فتني کان بچائي ورتو.

هن چيو ته اتحادي پارٽين جي قيادت چوڌري شجاعت جي فيصلي جي واکاڻ ڪري ٿي، حمزا شهباز ٻيهر اڪثريت حاصل ڪري ڪامياب ٿيو.

هن چيو ته آصف زرداري جي گارنٽي تي اسان پرويز الاهي کي اميدوار بڻايو هو، آصف زرداري جو ان ڳالهه تي چوڌري شجاعت جي گهر وڃڻ ٺهي پيو کيس شرمسار ڪرڻ ٺهي پيو.

هن وڌيڪ چيو ته اوهان کي جيڪو ڪرڻو آهي ڪرائڻو آهي ڪريو، اسان اوهان کي روڪي ڏيکارينداسين، اسان اوهان کي قانون جو سبق سيکارينداسين، امن خراب ڪرڻ جي ڪوسش ڪئي وئي ته سختي سان منهن ڏنو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.