دانيا ملڪ خلاف ايف آءِ اي ۾ شڪايت داخل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور اينڪر ۽ قومي اسيمبلي ميمبر مرحوم عامر لياقت حسين جي پهرين گهرواري بشريٰ اقبال دانيا ملڪ ۽ سندس ماءُ خلاف ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو هو.

هاڻي عامر لياقت حسين جي ڌيءُ دعا عامر طرفان ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.

درخواستگذار مرحوم عامر لياقت جي ڌيءُ دعا عامر دانيا شاهه عرف دانيا ملڪ ۽ سندس ماءُ خلاف درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ هن موقف ڏنو آهي ته عامر لياقت هڪ مشهور اينڪر پرسن ۽ سياستدان هو، دانيا شاهه سندس نجي تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيون هيون.

درخواست ۾ چيو ويو اهي ته فوٽيج وائرل ٿيڻ تي سندس پيءُ عامر لياقت ذهني دٻاءُ جو شڪار رهيو ۽ سندس موت واقع ٿي ويو.

دعا عامر جو چوڻ آهي ته سندس پيءُ ۽ دانيا شاهه وچ ۾ خلع ٿي چڪي هئي جنهن جي ڪاپي به درخواست ۾ لڳل آهي.

هن چيو ته دانيا شاهه ۽ سندس ماءُ دولت جي لالچ ۾ پيءُ کي بليڪ ميل ڪيو جنهن سبب هو اذيت ۽ ڊپريشن جو شڪار ٿي موت جو کاڄ بڻجي ويو.

دعا عامر درخواست ڪئي ته دانيا شاهه ۽ سندس ماءُ سلميٰ ۽ ٻي گينگ خلاف سائبر ڪرائم تحت سخت ڪارروائي ڪئي وڃي جيئن اڳتي زال دولت جي لالچ ۾ پنهنجي مڙس سان ائين نه ڪري.

ان حوالي سان وڪيل ضيا اعواڻ جو عوامي آواز سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته جيڪڏهن اهو ڪيس ثابت ٿي ويو ته ٻنهي ماءُ ڌيءَ کي پنج سال قيد جي سزا سان گڏوگڏ پنجاهه لک ڏنڊ جي سزا به اچي سگهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.