ڪوٽ ڪوٽ ۾ ڳوٺاڻي جو وڏيرن جي مبينا زياتين خلاف احتجاج

ڪوٽ ڪوٽ ۾ ڳوٺاڻي وڏيرن جي مبينا زياتين خلاف احتجاج ڪيو آهي.

بخشاپور جي ڳوٺ زين الدين ڊومڪي جي رهواسي عبدالفهيم ڊومڪي ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي ڳوٺاڻي الزام هڻندي چيو ته ڳوٺ ۾ واقع سندس 51 ايڪڙ زرعي زمين تي بااثر وڏيري ادب حسين، قدرت الله، حارف ۽ ٻين قبضو ڪري پنهنجا هٿياربندن ويهاري ڇڏيا آهن.

هن چيو ته وڏيرن زمين تي قبضو ڪرڻ کانپوءِ ڳوٺ مان پڻ لڏائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته آواز اٿارڻ تان موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.

ڳوٺاڻي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته وڏيرن جي زيادتين جو نوٽيس وٺي زرعي زمين تان قبضو ختم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.