مينهوڳي دوران نوجوانن ۾ خدمت جو جذبو

غلام حسين جوڻو

دنيا جو هر مذهب خدمت ڪرڻ کي افضل ۽ بهتر سمجهي ٿو . اهو ئي سبب آهي جو ، خدمت کي وڏي اهميت ڏني وڃي ٿي ۽ زور ڏنو وڃي ٿو ته ، مسڪينن ، محتاجن ، بيوس ۽ لاچار ماڻهن جي مدد ڪري سندن ڀرجهلو ٿجي . اسلام به ان ڳالهه جو تاڪيد ڪري ٿو . خلق جي خدمت ڪرڻ نبين ، بزرگن ۽ ولين جو طريقو آهي اسان جي ايمان جي هڪ جز پڻ آهي . قدرتي طرح انسانن ۾ قرباني ۽ خدمت جو جذبو پيدا ٿيندو رهي ٿو .

عيدالاضحٰي کان ٻه ڏينهن اڳ جي ڳالهه آهي ته ، سڄي سنڌ  ۾ سانوڻي جا مينهن پوڻ ڪري سنڌ جي شهرن توڙي ڳوٺن جو نقشو ئي بدلجي ويو . گهٽين ۾ پاڻي بيهي ويو . هيٺاهين وارا هنڌ پلر جي پاڻي سان ڀرجي ويا . ٻوڏ جهڙو منظر ڏسڻ ۾ آيو پئي . ڊرينيج سسٽم به خراب ٿي ويو . اهڙي ماحول ۾ ماڻهو انتهائي پريشان ٿي ويا . حڪومت به ڪا خاص واهر ۽ مدد ڪونه ڪري رهي هئي . چوڌاري مايوسي ۽ نااميدي نظر آئي پئي . تڏهن سڄي سنڌ مان ، سماجي ورڪر ۽ ڪائونسلر نڪري پيا . جن پنهنجن ، پنهنجن محلن ، ڳوٺن ، شهرن ۽ علائقن ۾ صفائي جو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو . اهي خود گندي ۽ خراب پاڻي ۾ لهي پيا ۽ پاڻي جي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندا رهيا . ان ڏس ۾ ، هو ڪافي حد تائين ڪامياب به ٿيا آهن . صفائي جي عمل کي يقيني بنايو ويو ۽ پاڻي نيڪال ڪرائي عوام کي مصيبتن مان ڪڍيو اٿن . جائزو وٺڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته ، اهو حال سڄي سنڌ ۾ رهيو . جنهن تي تفصيل سان لکڻ سان ڪيترائي پنا ڀرجي ويندا . جنهن ڪري هتي اختصار سان ڪم وٺندي چند سٽون لکڻ  جي جسارت ڪريان ٿو.

سنڌ ۾ بلدياتي چونڊون 26 جون تي ٿي گذريون آهن . انهن چونڊن ۾ جيڪي نمائندا چونڊجي ويا آهن . تن ۾ گهڻا تڻا، ميهوڳي دوران خاموش رهيا . پر ، ڪي اهڙا به نوجوان سامهون آيا آهن .  جن کي خلق جي خدمت ڪرڻ جو جذبو آهي . هو ، ان شيءَ کي اوليت ۽ ترجيح ڏين ٿا . انهن سڀني ڪائونسلرن جو ذڪر ، هن مختصر مضمون ۾ ته ڪري ڪونه ٿو سگهان . پر هتي آئون ضلعي شهيد بينظير آباد (نوابشاهه) جي ٻن تعلقن قاضي احمد ۽ سڪرنڊ جي ميمبرن جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان . جن پنهنجا ڪاروبار ۽ ڌنڌا ڌاڙي ڇڏي عوام کي مصيبتن مان ڪڍڻ لاءِ ڪوشش ڪئي . سندس اهڙين ڪوششن کي نظرانداز ڪري نه ٿو سگهجي.  برسات جي پاڻي جي نيڪالي ۽ صفائي جي عمل کي يقيني بنائڻ لاءِ، وس وارن عملدارن کي لکت ۾ درخواستون ڏنيون ته ، روڊن تي پاڻي بيهي ويو آهي . ڊرينيج سسٽم به ناڪاره ٿي ويو آهي . ماڻهن کي اچ وڃ ۾ تڪليف ٿي رهي آهي . ڪو عملو ڏنو وڃي، صفائي ڪرائي وڃي بيٺل پاڻي جو نيڪال ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن جي هيءِ تڪليف دور ڪري سگهجي . پر ، انتظاميه ڪوبه ٻوٽو ڪونه ٻاريو . ڪابه واهر ڪونه ڪئي ويئي . سندن درخواست تي ڪوبه غور  ويچار نه ٿيڻ ڪري ، چند ڳوٺاڻا ، ڪوڏرون ، ٻهارا ، لڪڙا ۽ ٻيو مددي سامان کڻي نڪري پيا . سڀ کان پهريان ڳوٺ جون بند پيل ناليون جن ۾ پاڻي بيٺو رهيو . پاڻ اهي ناليون صاف ڪرايون ۽ پاڻي کي نيڪال ڪرايو . تنهن کان پوءِ گهرن ۽ روڊن تي بيٺل پاڻي جو منهن به مذڪوره نالين ۾ ڪرايو ٿوري وقت اندر جيڪي ناليون بند هيون سي وهڻ لڳيون ۽ اهڙي طرح مڪمل صفائي ٿي ويئي . ماڻهن جي اچ وڃ ۾ رنڊڪ ۽ رڪاوٽ ختم ٿي ويئي . بعد ۾ جيڪا برسات پئي ان جو پاڻي به وهي ويو . اهو ڪنهن به هيٺاهين واري هنڌ تي ڪونه بيٺو .مقامي ماڻهو ، مذڪوره  شخصيتن کي دعائون ڏيڻ لڳا ۽ سندن تعريف ڪندا رهيا .

وارڊ نمبر پندرهن سڪرنڊ ۾ ، گٽر پاڻي سان ڀرجي اٿلي پيا . رهواسي تمام گهڻو پريشان ٿي پيا . سندن ننڊون ڦٽي ويون . ڪيترائي غريب ويچارا پنهنجن گهرن ۾ قيد ٿي ويا . اهڙي صورتحال کي ڏسندي ، ڪائونسلر پنهنجن همدردن ۽ ويجهڙن ساٿين سان گڏجي ٻاهر نڪري آيو . آئون هتي سندس تعارف ڪرائيندو هلان ته ، تازين مڪاني چونڊن ۾ پاڻ مذڪوره وارڊ مان ڪائونسلر چونڊيو آهي . سندس تعلق “ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي” سان آهي . سندس چوڻ آهي ته ، هتان جي عوام مون تي اعتماد ڪري ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪيو آهي . هاڻ منهنجو به فرض آهي ته آئون انهن جي خدمت ڪريان . کين مشڪلاتن مان ڪڍان ۽ سندس مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان . ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي ، بيان ڪيل شخصيت ڏينهن رات محنت ڪري ، بيٺل پاڻي کي نيڪال ڪرايو ۽ پاڻي جو وهڪرو بحال ڪرائي صفائي جي عمل کي يقيني بنائڻ جي ڪوشش ڪئي . هن عمل تي سندس، واکاڻ کان رهي نه ٿو سگهجي . کيس جس ڏجي ٿو .  ياد رهي ته ، تعلقي سڪرنڊ ۾ ٻين به ڪيترن ئي هنڌن تي “ پنهنجي مدد پاڻ تحت ” صفائي جو ڪم ڪيو ويو ۽ اهڙي طرح عوام جي لاءِ جاکوڙيو ويو .

اهو ، مختصر احوال تعلقي سڪرنڊ جو پيش ڪرڻ کان پوءِ ، هاڻ اچون ٿا تعلقي قاضي احمد ۾ ، جتي برسات جي ڪري تمام گهڻي گندگي پيدا ٿي . جنهن ڪري ماڻهون پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا  . شهرن کان وڌيڪ ٻهراڙي جا علائقا متاثر ٿيا . گهرن ۾ پاڻي بيهجي ويو . نيڪال جي سسٽم جو ڪهڙو حال بيان ڪريان .سنڌ جا ڳوٺ ته اڳ ۾ کنڊر بنجي چڪا آهن ويتر تازين برساتن اڳيون نور به چٽ ڪري ڇڏيو آهي . چوڌاري پاڻي ئي پاڻي نظر آيو پئي ۽ هنگامي حالتون ٿي ويون هيون . حڪومت جي طرفان ڪابه واهر يا مدد ڪونه ٿي رهي هئي . اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو لڳي رهيو هو . نوجوانن همت ڪونه هاري ڳوٺاڻن جي مدد سان صفائي جو ڪم شروع ڪرايائون . پاڻي جي نيڪالي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪندا رهيا . مون ڏٺو ته ، ڳوٺ مير محمد جوڻي ۾ ، تحريڪ انصاف جو ڪائونسلر ۽ سندس ساٿي پنهنجي پاڙي جا ماڻهون گڏ ڪري ان مشڪل ڪم کي منهن ڏنو .  مڪمل طرح مذڪوره ڪم کي تڪميل تي پهچايو . اهڙي  طرح نواب ولي محمد جي ڀرسان ديھ احمد خان ٻگهيو ۾ مذڪوره هنگامي حالتن کي ڳوٺاڻن جي مدد سان ، بيان ڪيل هنگامي صورتحال تي قابو پائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهيا ۽ ماڻهن کي وڌيڪ مصيبت ۾ وجهڻ کان بچائي ورتو . ڪن سماج سڌارڪ شخصيتن به پنهنجو پاڻ ملهايو . مطلب ته ، نوجوانن جو شعور جاڳي پيو ۽ عوامي خدمت کي ترجيح ڏنائون . آئنده به هنگامي حالتن ۾ ائين خدمت ڪئي ويئي ته آئون سمجهان ٿو ته ، اسان هر مصيبت کي منهن ڏيئي سگهنداسون . ڪنهن به ايمرجنسي يا هنگامي حالت تي ضابطو آڻي سگهنداسون . ان سلسلي ۾ اڃا وڌيڪ خدمت جو جذبو پيدا ٿيڻ جي ضرورت آهي .

ياد رهي ته ، هڪ طرف پلر جي پاڻي گندگي پکيڙي هئي ته ٻئي طرف عيدالاضحيٰ جو موقعو هو . چوڌاري قرباني جا جانور ذبح ٿي رهيا هئا . ڪٺل جانورن جي ڪري وڌيڪ گندگي پيدا ٿي هئي . جنهن ڪري مختلف بيماريون پيدا ٿيڻ جو خدشو هو . پر ، اسان سنڌ جي شعور کي جس ٿا ڏيون . نوجوانن پنهنجا ڪم ڪار هڪ طرف رکي عوام جي خدمت ڪئي، گندگي کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ بيٺل خراب پاڻي کي نيڪال ڪرايو . باقي سرڪار سڳوري هن طرف ڪوبه توجہه ڪونه ڏنو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.