ملڪ ۾ امن جي لاءِ غيرملڪين کي واپس موڪليو

ملڪ جنھن معاشي ۽ سياسي صورتحال مان گذري رھيو آھي، اھو حقيقت ۾ گھڻو نازڪ موڙ آھي،ھڪ وڏي آبادي واري ملڪ جو عوام سياسي۽ سماجي طور ھن ايڪھين صدي ۾ گھڻو پوئتي ھجي،ماڻھون پنھنجن سياسي ، انساني ،قانون ۽ قومي حقن کان محروم ھجن تھ پوءِ ڪنھن بھ امڪاني حادثي کي روڪڻ گھڻو ممڪن نھ ھوندو،ان جو ھڪ پاسو ھي بھ آھي تھ قانون تي گھٽ عمل ٿيڻ جي ڪري عوام جي اندر ۾ اھو احساس موجود ھوندو آھي،تھ ھنن سان زيادتي ٿي رھي آھي.

ان سمور ي ماحول ۾ جڏھن ھن ملڪ جي مٿان پنھنجي آبادي جو دٻاءَ ئي گھڻو ھجي تھ پوءِ  ٻاھرين ملڪن جي آبادي کي ھتي آڻڻ ۽ انھن کي رھائڻ ھڪ اھڙو عمل آھي جنھن سان ڪيترائي مسئلا جنم وٺي رھيا آھن،ڪجھھ ڌرين جي پاليسين جي نتيجي ۾ ھن ملڪ جي اڪابرن جيڪو ڪجھھ ھتي ڪيو آھي ان سان مذهبي  ڀائرن کي ھتي آباد ڪرڻ سان ملڪ جا مسئلا وڌيا آھن، اھڙيون پاليسيون ھن ملڪ جي معيشت تي وڏو دٻاءُ رھيون آھن،جنھن ڪري عام ماڻھون گھڻو متاثر ٿيو آھي، اھو ئي سبب آھي جو اڄ ھر پاڪستاني شھري ڪنھن بھ بنياد تي ھتي گھرايل غير ملڪين مان انھن جي روين مان بيزار ٿي ويو آھي،

ھڪڙي پاسي اھا صورتحال آھي تھ وري ٻئي پاسي اھو بھ سوچڻ ضرور ھو تھ جڏھن ھي ملڪ گھڻ قومي ملڪ آھي تھ ان جي عين مطابق پاليسيون ۽ پروگرام جوڙڻ گھرجن ھا.ان ۾ ڪافي ڪم ممڪن ھئا جيڪي نھ ڪري ملڪ کي اھڙي طرف ڌڪيو ويو آھي جتي ھاڻي وقت گذرڻ سان مسئلا وڌي رھيا آھن، جنھن ڪري ھر سرڪار گھڻي دٻاءَ ۾ رھي ٿي.

ھون تھ غير جمھوري قوتن تھ ملڪ کي  پورائي نھ ٿي سگھڻ جھڙو نقصان ڏنو آھي پر انھن ۾ سڀني کان سرس جنرل ضيا جي پاليسين ۾ ٿيو آھي.  جنرل ضيا واري دور ۾ته سنڌ سان ڪيترن ئي حوالن سان ظلم ۽ زيادتي ٿي. اهو سڀ ڪجهه انڪري ٿيو جو سنڌ سان دشمني رکندڙ ڌرين جو اهو خواب هو ته هڪ سجاڳ قوم جو اهڙو گهيرو ڪجي جو اها سياسي طور تي پنهنجو اثر وڃائي ويهي، ڌارين جي معرفت اصل قوتون هن خطي جي عوام ۽ وسيلن تي پنهجي گرفت منظم ڪري سگهن.

سنڌ سان ڏاڍائي ۽ زيادتي جو قصو عرصي کان جاري آهي پر ان ۾ ٻه وڏا دور آيا آهن هڪ جڏهن ورهاڱي بعد پناهگيرن کي آندو ويو، ٻيو جڏهن جنرل ضيا جي مهرباني سان 1980 کان ٿورو اڳ افغانستان ۾ هڪ سياسي تبديل آئي هئي. هن وقت سنڌ جي مجموعي ڍانچي ۾ وڏي پئماني تي آيل بگاڙ جي نتيجي ۾ سنڌ جي اڪثر شهرن توڙي ٻهراڙي وارن به انهن علائقن ۾ جتي جون زمينون ڀليون آهن اتي انهن ڌارين جي چڱي خاصي گرفت آهي.

ڪجھھ وقت اڳ عدالت ڪراچي بد امني ڪيس ۾ اھو چٽو چيو ھو تھ افغاني شھرين جي ڪري  امن مان خراب ٿئي ٿو ۽ انھن کي واپس موڪليو وڃي.پر ان انتهائي حساس معاملي کي ڪنهن به ڌر سنجيدگي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش نھ  ڪئي،

جيڪڏهن ان تي عملي طور  تي ويچاريو وڃي ته سنڌ جي ڏورانهن علائقن توڙي وڏن شهرن ۾ اهي افغان پناهگير موجود آهن، جيڪي ڪراچي ۾ ڏهاڪن کان آباد ڪيا ويا هئا، اهي هاڻي منظم طاقت ٿي ويا آهن، جيڪي وري ڪراچي کان نڪري باقي شهرن ۾ به بنا روڪ ٽوڪ جي پکڙي ويا آهن،اهي پناهگير سنڌ جي هر علائقي ۾ هر غيرقانوني عمل ۾ پڻ ملوث آهن، پر جيئن ته سنڌ ۾ نالي ماتر  مشينري مان هنن کي ڪو به خطرو نه آهي ان ڪري هو هر هنڌ هر ڪم، آزادي سان ڪري رهيا آهن.

.غير قانوني پرڏيهين جو مسئلو ڪو هاڻي جو ناهي جو ان کي حل ڪرڻ لاءِ اڃا به حڪومت ۽ رياست کي وقت گهرجي.بنگلاديش ٺهڻ کانپوءِ بهارين جو اچڻ ۽  افغان انقلاب کانپوءِ اتي جيڪو  شروع ٿيو ھو ان ڪري  افغانين جي لڏپلاڻ جو عمل شروع ٿيو اھو سمور و ٻوجھھ وري ھن پاسي سنڌ مٿان مڙھيو ويو.

چوڻ لاءِ  چيو ٿو وڃي تھ ڪراچي ۾ صنعتن ھئڻ جي ڪري ھتي ماڻھو روزگار سبب ايندا آھن.اھو تھ درست آھي پر ڪنھن بھ ٻاھرين علاقي جي ماڻھون جي اچڻ سان شھر تي توڙي شھري سھولتن تي دٻاءُ وڌي ٿو جنھن ڪري شھر جي سموري ڍانچي سميت ان جي سموري سياسي سماجي زندگيءَ تي اثر پئي ٿو. ھن وقت بھ ھتي اھو ئي ٿيو آھي.

اھڙين پاليسين ۽ پروگرامن جي ڪري ھاڻي سنڌ جي سموري ڍانچي ۾ وڏو بگاڙ پيدا ٿي پيو آھي مٿان وري ڪنھن بھ سرڪار ھن اھم ۽ نازڪ اشو کي سنجيدھ نھ ورتو آھي جنھن سان وري نوان معاملا جنم وٺي رھيا آھن.سنڌ جي ماڻھن ۾ اھو احساس شدت اختيار ڪري رھيو آھي تھ ھنن کي ھڪ رٿابنديءَ سان  اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي.ان ڪري سنڌ جو عوام وقت بوقت اھا دانھن ڪندو رھيو آھي پر بدقسمتي سان ان جو ڪو بھ کڙ تيل نھ نڪتو آھي،

جڏھن ڪنھن بھ مسئلي کي ڪو ٻڌڻ وارو نھ ھوندو آھي تھ اھو ڪنھن نھ ڪنھن رخ ۾ منفي اثر ڇڏيندو آھي.ھن وقت سنڌ ۾ جيڪو ڪجھھ ٿي رھيو آھي ان جي لاءِ ھن ملڪ جي انھن اڪابرن جون پاليسيون بھ ذميوار آھن، جن ھٿ سان سنڌ جي ماڻھن جي جمھوري حقن کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.چيو پيو وڃي تھ  چاليهه لک غير قانوني پرڏيهين کي  ڪاغذ پٽ ٺاھي ڏنا ويا آھن.اھڙي معاملي سان ويتر مقامي ماڻھن ۾ چڙ پيدا ٿي رھي آھي.

ھن ملڪ ۾ جيترا بھ يونٽ يا صوبا آھن اتي جي ماڻھن کي برابر جو شھري سمجھي سندن حقن جو احترام ڪيو وڃي ۽ انھن  جي حقيقي مسئلن کي نظر انداز ڪرڻ جي بجاءِ انھن کي حل ڪيو وڃي جيڪڏھن غيرملڪين کي مھمان ڪري ھتي رھائڻ ايترو ئي ضروري آھي تھ پوءِ انھن سمورن پرڏيھن کي سمورن صوبن ۾ رھايو وڃي، باقي ان جو حل تھ اھو ئي آھي تھ ھاڻي ان بار کي ھٽايو وڃي ھي ملڪ ھونءَ ئي معاشي طور تي ڪيترن ئي مسئلن ۾ ڦاٿل آھي،جيڪو ھاڻي پنھنجي شھرين جو بار کڻڻ جيتري سگھھ ئي مس رکي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.