تخت لاھور ڪنھن جو ٿيندو ؟

دوست حفيظ چنا

پنجاب اسيمبلي جي 20 سيٽن تي ضمني چونڊون ڪالهھ ٿي گذريون، اهي سيٽون اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن ذريعي خالي ڪيون ويون هيون، جن کي عدالتي فيصلي جي صورت ۾ خالي قرار ڏنو ويو، انھن مان 9 ميمبر پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٽڪٽ تي چونڊ کٽي آيا ھئا, باقي ميمبرن آزاد حيثيت ۾ ڪاميابي حاصل ڪري حڪومت سازي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حمايت ڪئي ھئي,  پر هن سال پنجاب ۾ وڏي وزير سردار عثمان بوزدار خلاف بي اعتمادي واري رٿ جي حمايت ڪئي، جنهن تي عثمان بوزدار استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ پي ٽي آءِ اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي کي وڏي وزير لاءِ پنهنجو اميدوار نامزد ڪيو، پر انهن 20 ميمبرن مخالف ڌر جي اميدوار حمزا شهباز شريف (موجوده وڏي وزير) جي حمايت ڪئي.

ڍمسلم ليگ ن ضمني اليڪشن ۾ ڊي سيٽ ٿيل سمورن ميمبرن کي ٽڪيٽون ڏنيون ھيون ۽ اهي مسلم ليگ ن جي چونڊ نشان تي اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن جڏهن ته عبدالعليم خان، سردار محسن عطا کوسا ۽ ملڪ غلام رسول سنگھا ضمني چونڊن ۾ حصو نه ورتو آھي, ضمني چونڊون پنجاب جي  سموري صوبي جي 20 حلقن جي 3131 پولنگ اسٽيشن تي ووٽ ڪاسٽ ڪيو ويو, جڏهن تـ لاھور جي چئين حلقن جي 466 پولنگ اسٽيشن تي ووٽ وڌا ويا ـ جھنگ جي ٻن حلقن جر 360 پولنگ, لوڌران جي ٻن حلقن جي 294 پولنگ,مظفر ڳڙھ جي ٻن حلقن جي 281, شيخوپورا جي ھڪ حلقي جي 165, راولپنڊي جي 266, خوشاب جي 215, بکر جي 181, فيصل آباد جي 168, ملتان جي 124, ساھيوال جي 176, ڊي جي خان جي 145, ليـ جي 130 ۽ بھاولنگر جي 160 پولنگ اسٽيشنز تي ووٽ وڌا ويا ـ  پنجاب جي 20 حلقن جي پولنگ اسٽيشن تي مرد خواتين 52 ھزار پوليس اھلڪارن ڊيوٽي جا فراض سر انجام ڏنا ـ

پنجاب جي مختلف حلقن ۾ ڪشيدگي ۽ ڪارڪنن ۾ ڇڪتاڻ جون خبرون

ملتان پي پي 217 جي پولنگ اسٽيشن 14 ٻاھران پي ٽي آء ۽ ن ليگ ڪارڪنن وچ ۾ سخت ڪشيدگي رھي, پوليس حالات کي قابو ڪري ورتو, شيخوپورھ ۾ ٽي نامعلوم ماڻھو اسلحي سميت گرفتار ڪيا ويا, ڊي جي خان پي پي 288 پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ ڪارڪنن ۾  مڪن ۽ لتن جو آزاداڻو استعمال,  لاهور سميت پنجاب جي مختلف حلقن مان پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ ڪارڪنن ۾ جھڳڙن جون خبرون آھن ـ  پنجاب جي 3131 ,مان 674 پولنگ اسٽيشن کي حساس قرار ڏنو ويو ھو ـ

پنجاب جي اھم مقابلن مان پي پي 227 تي عام چونڊن ۾ اڳوڻي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي کي شڪست ڏيندڙ آزاد اميدوار محمد سلمان نعيم 35 هزار 294 ووٽ کنيا جڏهن ته شاهه محمود قريشي 31716 ووٽ کنيا، جڏهن تـ مسلم ليگ ن جي تسمين ڪوثر 21 هزار 6 سئو 18 ووٽ کڻي ٽئين نمبر تي هو، ڊي سيٽ ٿيڻ بعد ن ليگ محمد سلمان نعيم کي ٽڪٽ ڏني آھي, جڏھن تـ پي ٽي آءِ شاھ محمود قريشي جي پٽ مخدوم زين قريشي کي ٽڪٽ ڏني آھي,

ان مقابلي کي ڏکڻ پنجاب ۾ سڀ کان سخت مقابلو قرار ڏنو پيو وڃي، بظاهر زين قريشي کي وڏي تعداد ۾ عوام جي حمايت حاصل آهي پر سياسي طور محمد سلمان نعيم عوامي حلقن ۾ وڌيڪ مقبول آهي, ھن وقت جي نتيجن موجب پي ٽي آءِ جي برتري آھي پر حتمي نتيجن اچڻ بعد ئي پوزيشن واضح ٿيندي , 20 سيٽن جا نتيجا فيصلو ڪندا تـ پنجاب ڪنهن جو آھي پي ٽي آءِ يا ن ليگ ـ

تخت لاهور جو تاج حمزھ شھباز جي مٿي تي رھندو يا پرويز الاھي پنجاب جي واڳ سنڀاليندو ـ يقينن جڏھن اوھان تبصرو پڙھندا تـ ان وقت تائين صورتحال ڪافي حد تائين واضح ھوندي ـ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.