ترڪ صدر جو سڀاڻي ايران جو سرڪاري دورو

انقره (م ڊ) ترڪ صدر رجب طيب اردگان 19 جولاءِ تي ايران جو سرڪاري دورو ڪندو. ان موقعي تي هو ايراني هم منصب ابراهيم رئيسي سان ملاقات دوران واپار کي هٿي وٺائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي پڻ ڳالهائيندو. ترڪ خابرو اداري مطابق ايران جي دوري دوران صدر رجب طيب اردگان تهران ۾ ايراني صدر ابراهيم رئيسي سان ملاقات ڪندو. ان موقعي تي واپاري ڳاڻيٽي کي وڌائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت سيڪيورٽي يڪجهتي وڌائڻ وارن قدمن جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ٻئي صدر ڳالهين دوران 24 فيبروري کان جاري روس يوڪرين جنگ ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل توانائي ۽ خوراڪ جي بحران جي باري ۾ پڻ غور ڪندا. ان کان علاوه گڏيل تعاون کي هٿي وٺائڻ ۽ کنيل گڏيل قدمن جي باري ۾ مشاورت ڪئي ويندي. هن دوري جي مرڪزي ايجنڊا ٻه طرفي لاڳاپن تي ٻڌل هوندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.