چونڊ نتيجا ن ليگ کي پاڻ سڌارڻ جو موقعو آهن: خورشيد شاهه

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پ پ اڳواڻ ۽ وفاقي وزير خورشيد شاهه  پنجاب جي ننڍي چونڊ نتيجن تي اهم بيان جاري ڪندي چيو آهي ته چونڊ نتيجا ثبوت آهن، سياست ۾ اڳتي وڌڻ جو اصل رستو اهو ئي آهي، سياسي جماعتون احتجاجي ۽ پرتشدد سياست هميشه لاءِ ختم ڪن، هن چيو ته چونڊ نتيجن کي کليل دل سان تسليم ڪرڻ ئي حقيقي جمهوريت آهي، ن ليگ کي به پنهنجي پاڻ کي بهتر ڪرڻ جو موقعو ملندو، هن چيو ته عمران خان کي پنهنجي غلطين کي هاڻي ورجائڻ نه گهرجي، سياست ۾ فتح ۽ شڪست جي اهميت ناهي، جمهوري رويا آهن، هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر شديد تنقيد ۽ ذاتي حملن کي برداشت ڪندي پنهنجو ڪم ڪندو رهيو، چيف  اليڪشن ڪمشنر صاف شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد جو مستحق آهي، اميد آهي ته عام چونڊن ۾ به چيف اليڪشن ڪمشنر اهڙي ئي ذميواري نڀائيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.