اليڪشن ڪميشن شاهه محمود قريشي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

ملتان(م ڊ) اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي مختلف پولنگ اسٽيشنن جي دوري،تڪ جي حد ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻ ۽ پرائيويٽ فيڪٽري ۾ پنهنجي حامين سان گڏ غيرقانوني ڇاپو هڻڻ تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر سليم اختر مطابق ووٽرن، اميدوارن يا بااختير اليڪشن ايجنٽن کان علاوه ڪو به اليڪشن ڪميشن يا صوبائي اليڪشن ڪميشن، ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر يا لاڳاپيل ريٽرنگ آفيسر وٽ بنا پاس جي پولنگ اسٽيشن ۾ داخل نٿو ٿي سگهي. اليڪشن ڪمشنر شاهه محمود قريشي کي پولنگ اسٽيشن جي دوري ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته شاهه محمود قريشي 24 ڪلاڪن ۾ پنهنجو موقف بيان ڪري

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.