عمران نيازي جي هر تقرير سندس ڪنهن عوامي عهدي لاءِ نااهل هجڻ جو ثبوت آهي: وزيراعظم

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي جي هر تقرير سندس ڪنهن عوامي عهدي لاءِ نااهل هجڻ جو ثبوت آهي، اقتدار جي هوس ۾ عمران نيازي ميڪاويلين سياست جو شرمناڪ باب رقم ڪري رهيو آهي. آچر ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ ان جي سڌي سنئين سرپرستي ۾ قومي ادارن تي گند اڇلائڻ جي منظم مهم هلائي، جنهن سان پاڪستان کي ناقابل تلافي نقصان پهتو. اقتدار جي هوس ۾ عمران نيازي ميڪاويلين سياست جو شرمناڪ باب رقم ڪري رهيو آهي، ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف پنجاب جي 20 تڪن جي عوام کي اپيل ڪئي آهي، ته هو ڀرپور جذبي سان گهرن مان نڪري ۽ ووٽ جو حق استعمال ڪري، توهان جي مستقبل جو دارومدار ان پرچي تي آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته بزرگ، مائرون، ڀينرون ۽ ڀائر اڄ فيصلو ڏيندا ته پنجاب ۽ پاڪستان ۾ خدمت جو راڄ ٿيندو، نالائقي، ڪوڙ ۽ ڪرپشن جو نه. هن چيو ته ڪوڙ ڳالهائيندڙ، 100 يونٽ مفت بجلي جي سهولت کسيندڙن جي خلاف عوام واضح فيصلو ٻڌائي، هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف عوام کي چيو آهي، ته پنجاب جي ننڍي چونڊ ۾ پنهنجو ووٽ وجهندي عمران نيازي جي حڪومت جي پوڻن چئن سالن جي ڪاري دور جي ڪرپشن، نااهلي، معاشي تباهي، مافيا جي سهولتڪاري، سرپرستي ۽ تبديلي جي نالي تي برپا ڪيل تباهي جي باري ۾ ضرور سوچجو، پاڪستان پي ٽي آءِ جي دور ۾ پنهنجي منزل کان پري ٿي ويو، اهڙو اظهار توهان کي پنهنجي ووٽ سان ڪرڻو آهي. ڪالهه آچر ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پنجاب کي پوڻا چار سال بدترين گورننس جو نشانو بڻايو ويو، عوام جو ووٽ ئي ان جي طاقت آهي، هو ان طاقت سان انتشار، نفرت ۽ ورهايو جي سياست کي رد ڪري. وزيراعظم چيو ته هڪ شخص جي انا، سياست جو انداز ۽ نااهلي اسان جي معاشري جي حسن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، پنهنجو ووٽ قومي ترقي ۽ پنهنجي ٻارن جي روشن مستقبل لاءِ وجهو، مون کي توهان جي چونڊ جي قوت تي پورو ڀروسو آهي. هن چيو ته پنجاب کي پوڻا چار سال بدترين گورننس جو نشانو بڻايو ويو، شهرين کي مفت دوائن ۽ شاگردن کي وظيفن کان محروم ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته گذريل دور ۾ سرڪاري آسامين ۽ بدلين جو کلي عام خريد ۽ وڪرو ڪيو ويو، شهري سهولتن جي حالت خراب ۽ لاقانونيت عروج تي رهي. هن چيو ته گذريل دور ۾ پنجاب جي جيڪا حالت ڪئي وئي اها صوبي جي ماڻهن جي توهين کان گهٽ نه آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.