سچل ٿاڻي جي حد ۾ گهرو تڪرار تان مڙس هٿان زال قتل

ڪراچي(رپورٽر)سچل ٿاڻي جي حد ۾ واقع سڪندر ڳوٺ ۾ گهريلو تڪرار سبب هڪ شخص شاهد اقبال پستول جا فائر ڪري پنهنجي زال 35 ورهين جي شازيه کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو. اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته قاتل جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس پاران مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، آخري اطلاعن تائين جوابدر جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.