وزيراعظم فتح کان اڳ اعلان جي تياري ڪئي: شيرين مزاري

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري چيو آهي ته خبرون آهن ته وزيراعظم هينڊلرز جي مدد سان وقت کان اڳ فتح جي اعلان جي تياري ڪري رهيو آهي، تحريڪ انصاف چونڊن کانپوءِ ڌانڌلي جي ڪوشش برداشت نه ڪندي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اهي جيتري ڌانڌلي ڪن ،انهن جي سازش ناڪام ٿيندي، پي ٽي آءِ گهٽ ۾ گهٽ 16 کان 17 سيٽن تي ڪامياب ٿيندي، جيترا ووٽر نڪري رهيا آهن اهي پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏئي رهيا آهن، اڄ پي ٽي آءِ جي سوڀ ٿيندي، هن چيو ته ڪٿي لکيل آهي ته ڪي پي جا ماڻهو پنجاب نٿا اچي سگهن، ڇا ڪي پي جي ماڻهن لاءِ پنجاب نوگوايريا بڻجي ويو آهي؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.