ڪراچي ايئرپورٽ تي انجڻ ۾ خرابي سبب ڀارتي جهاز جي هنگامي لينڊنگ

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ايئرپورٽ تي انجڻ ۾ خرابي سبب ڀارتي اڏام انڊيگو ڪي اي 320 جهاز جي هنگامي لينڊنگ ڪئي. هوا بازي واري وزارت جي سڌ سماءَ واري شعبي طرفان جاري بيان مطابق انڊيگو اڏام ڪي اي 320 اڏام کي پرواز (6 اي-1406) شارجه کان حيدرآباد دکن لاءِ اوور فلاءِ ڪري رهي هئي، ته جهاز جي انجڻ ۾ ٻه فني خرابيون پيدا ٿي پيون جنهن تي پاڪستاني عملدارن جهاز کي لينڊنگ جي اجازت ڏني ۽ جهاز حفاظت سان لينڊ ڪيو. هوابازي عملدارن مطابق هوائي جهاز بنا ڪنهن مدد جي 0214  وڳي حفاظت سان لينڊ ڪيو ۽ بعد ۾ پائليٽ جي اجازت کان پوءِ 186 مسافرن کي جهاز مان لاٿو ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.