خراب موسم سبب ريل گاڏين جو شيڊول متاثر

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ريلويز جي ترجمان چيو آهي، ته سڄي ملڪ ۾ ريل گاڏين جي اچ وڃ ۾ دير جو وڏو سبب برساتون ۽ موسم جي/ خراب صورتحال آهي. هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته ملڪ جي مختلف روٽن تي هلندڙ ريل گاڏيون شديد برساتن سبب متاثر ٿيون آهن، جنهن سبب ريل گاڏين جي اچ وڃ ۾ دير ٿي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ طوفاني برساتن سان ريل گاڏين جو شيڊول متاثر ٿيو آهي، اميد آهي ته ڪجهه ڏينهن ۾ ريل گاڏين جي روانگي معمول تي اچي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.